GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 07 جون 2016
سي آءِ اي پوليس جي زيادتين خلاف مٽياري ضلعي جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي ويا، پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي ريلي، نٽهڻ اس ۾ تتل ڌرتي تي ويهي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو، سخت گرمي سبب ٻه صحافي بيهوش، ايس ايس پي مٽياري ڌرڻي ۾ پهچي صحافين سان ڳالهيون ڪيون سمورا مطالبا منظور ٿيڻ بعد صحافين احتجاج ختم ڪيو،

خبر موجب گذريل ڏينهن هالا ويجهو سي آءِ اي پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي اتان هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر مٽياري کڻي وئي واقعي جي اطلاع تي مٽياري جي سينيئر صحافي عبدالغفور ميمڻ اداڀائو، منير خاصخيلي، معشوق قمبراڻي ۽ ٻيا ڪوريج لاءِ پهتا ته سي آءِ اي جي سب انسپيڪٽر اياز بلوچ صحافين مٿان مڇرجي پيو ۽ صحافين کان ڪئميرائون، موبائل فون ڦر ڪري ڪوريج کان روڪيندي صحافين سان بدتميزي ڪئي، جنهن جي خلاف هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري، نيو سعيدآباد، اڏيرو لعل، ڀٽ شاهه جي صحافين عبدالغفور ميمڻ، نديم مڱريو، منير خاصخيلي، زاهد ڪاڪا، معشوق قمبراڻي، اشرف کماڻ، بابو خاصخيلي، قائم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي پريس ڪلب کان ٿيندي ايس ايس پي آفيس مٽياري پهتي جتي صحافين نٽهڻ اس ۾ تتل ڌرتي تي ويهي سي آءِ اي پوليس جي سب انسپيڪٽر اياز بلوچ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، سخت گرمي ۽ ٻوسٽ هئڻ سبب ٻه صحافي امان الله ڏاهري ۽ مختيار ڪيريو بيهوش ٿي ويا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سخت احتجاجي مظاهري کان پوءِ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال پنهنجي آفيس مان نڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچي صحافين سان ڳالهيون ڪيون ۽ صحافين جا سمورا مطالبا منظور ڪندي سي آءِ اي سب انسپيڪٽر اياز بلوچ کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن بعد صحافين لڳل ڌرڻو ختم ڪيو

إرسال تعليق

 
Top