GuidePedia

0
Hala=Shaher K Mukhtilf Ilaiqon M Gater Ka Pani Jama,Dosry  Janab Shahree Ahtijaj Kerty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 07 جون 2016
هالا شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي اٿلڻ سبب،گهرن ۽ دڪانن ۾ گندو پاڻي داخل،متاثره شهرين پاران ميونسيپل انتظاميه خلاف احتجاج،صفائي ڪرائڻ جو مطالبو.

خبرموجب رمضان شريف جي آمد هجڻ سبب شهر جي مختلف علائقن جن ۾ مسڻ روڊ،ٿلهه روڊ،طالب المولي ڪالوني،باگڙي بازار،سميت مختلف علائقن ۾ گٽرن جي اٿلجڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي انهن علائقن جي روڊن،گهٽين،محلن ۾ گهرن،دڪانن،مدرسن ،مسجدن،امامن بارگاهن،اسپتالن،جي عام لنگهن تي اهو ڪندو پاني جمع هجڻ جي ڪري انهن علائقن جي رهندڙ شهرين،ايندڙويندڙعام ماڻهن گذرڻ سميت انهن علائقن ۾ موجود ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي تمام گهڻين مشڪلاتن مان گذرڻون پوي ٿوجڏهن ته رمضمان شريف جي آمد هجڻ سبب مسجدن،امام بارگاهن ۽ مدرسن ۾ عبادتن لاءَ ويندڙ شهرين کي تمام گهڻين مشڪلاتون ڏسڻيون ٿيون پون.جڏهن ته ان سلسلي ۾ هالا شهر سان تعلق رکندڙمختلف سياسي،سماجي،۽ متاثر ماڻهن پاران انهن علائقن ۾ بيٺل گٽرن جو گندو پاڻي جي نيڪال۽ صفائي لاءَ انهن متاثرعلائقن جي ماڻهن جسقم ضلعي مٽياري جي صدرعبدالرشيد ڏيٿو،سماجي ورڪرڪامريڊ اياز ڏيٿو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ متاثر ماڻهن سان گڏ سندن علائقن مان صفائي ڪرائڻ جي لاءَ ٿلهي روڊ تي ميونسيپل هالا جي انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪندي شهرڀرمان فوائي ڪراڻ جو فورمطالبو ڪندي ايم او هالا کي 24 ڪلاڪن جوالٽيميٽم ڏيندي شهر ۾ فوري صفائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوشهر ۾ صفائي جو عمل نه ٿيڻ تي انهن متاثره علائقن جي شهرين سان گڏ مخدوم ۽ ڊي سي هائوس آڏو احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي.

إرسال تعليق

 
Top