GuidePedia

0
Hala=Shaher K Mukhtulaf Ilaiqon M Guter Ka Ganda Pani Jama  Nazer Aaty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 13 جون 2016

علمي ادبي شهر هالا ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي سبب رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به گندگي ۽ گندي پاڻي جي ور چڙهيل، شهر جي مختلف علائقن ۾ گندي پاڻي جا تلاءُ بيٺل ، هالا شهر جي درگاهه روڊ، سخي مراد شاهه ڪالوني، درگاهه سرور نوح، مخدوم هائوس، مخدوم طالب المولى ڪالوني، مسڻ روڊ، مخدوم شفيق الزمان ڪالوني، مرزا جو محله، مخدوم امين فهيم ڪالوني، جت ناڪو، ٿلها روڊ، هالا پراڻا ناڪو سميت شهر جي اسپتالن، مسجدن، امام بارگاهن توڙي چوڪن ۽ چوراهن تي گندي پاڻي جا تلاءُ بيٺل آهن جنهن سبب سحري ۽ افطاري جي وقت نمازي ماڻهن کي اچ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، گٽرن ۽ نالين جي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان صفائي نه ٿيڻ سبب گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو آهي، ٻئي طرف گٽرن جي گندي پاڻي سبب مختلف وبائي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته شهر ۾ گندگي ۽ روڊن تي گٽرن جي پاڻي جمع هجڻ تي شهرين  مخدوم هائوس ۾ موجودصوبائي وزير روينيو مخدوم جميل الزمان سان ملاقات ڪندي کيس شهر ۾گندگي۽روڊن،رستن،محلن ۽ گهٽين ۾ گندي پاڻي جي جمع هجڻ سميت ٻين مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيوجنهن تي مخدوم جميل الزمان شهرين جي شڪايتن جو فوري نوٽيس وٺندي هن فوري طورتي ڊي سي مٽياري،سي ايم او هالا کي شهر مان فوري صفائي ڪرائڻ جو چيو.ٻئي طرف هالا شهرسان تعلق رکندڙمختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ساڃاهه وند ڌرين اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته هالا شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل گٽرن جي گندي پاڻي کي فوري طور تي ڪڍرايو وڃي ۽ گٽرن ۽ نالين جي صفائي ڪرائي شهرين کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾  ميونسپل انتظاميه سميت لاڳاپيل ڌرين جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

إرسال تعليق

 
Top