GuidePedia

0
Hala=AC & FCM Hala Bach BAZAR Ka Iftatak Kerty.
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 13 جون 2016

اسسٽنٽ ڪمشنر هالامحمد اڪرام ملڪ ۽ مختيارڪارهالانصرالله چاوڙوپاران هالا جي مارڪيٽ چوڪ ۾ موجود مخدوم محمدامين فهيم پرائمري اسڪول هالا جي اگڻ ۾يوٽيلٽي اسٽور پاران لڳايل بچت بازار جو افتتاح ڪيو،ان بچت بازار جي افتتاحي ٿقريب ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي ايريا مئنيجر جمشيد احمد،ظهيراحمد غوري،شاهد احمد ميمڻ،گهنيش ڪمار،ملڪ عاشق،زاهد کوکر،علم الدين ميمڻ،شاهنواز ميمڻ،صحافي عبدالغفورميمڻ،سيد حاڪم علي شاهه،مشتاق احمد ميمڻ،نديم مگريو،امان ڏاهري سميت شهر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.مارڪيٽ چوڪ ۾ اي سي هالا محمد اڪرام ملڪ جي ڪاوشن سان رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ شهرين کي روزمرهه جي شين ۾ رليف ڏيڻ لاءَ لڳايل بچت بازار تي هالا جي شهرين مختلف سياسي سماجي مذهبي جماعتن جي اڳواڻن سندس ڪاوشن تي ساراهيو،جڏهن ته ٻئي طرف مذڪوره بچت بازار جي افتتاح بعد شهرين جي وڏي انگ پاران مذڪوره بچت بازارتان سامان جي خريداري شروع ڪري ڇڏي.ان موقعي تي اي سي هالا محمد اڪرام ملڪ ۽ مختيارڪار هالا نصرالله چاوڙو جن آن لائين سنڌي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندن مقصد صرف عوام کي فائدو رسائڻ آهي هنن جي پاران هتان جي عوام کي هن پاڪ ڀلاري مهيني ۾ هتانجي غريب عوام روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون سستي اگهه ۾ ڏيارڻ لاءَ اهرين بازارن جو اهتمام ڪيو ويو آهي هنن چيو ته هالا جي عوام کي عيد جي خريداري لاءَ هڪ وڏي جنرل بچت بازار لڳائڻ لاءَ پڻ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هالا جي نوجوان ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ شهرين کي رمضان جي مهيني ۾انٽرٽيمينٽ ڏيڻ لاءَ هالا جي جيمخانه ڪلب هالا جي گرائونڊ ۾ هالا ڪپ ون جي نالي سان هڪ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڻ لڳائي ويئي آهي جنهن ۾ هالا جي عوام پارا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي لطف اندوز ٿيندا آهن.

إرسال تعليق

 
Top