GuidePedia

0
hala hathrado loadshint news online sindhi news

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 07 جون 2016

حيسڪو پاران رمضان جي آمد ٿيندي ئي روزيدارن ۽ نمازين لاءَ بجلي جي هٿرادولوڊشيدنگ جو تحفو،هالا،ڀٽ شاهه،کنڊو،هالا پراڻه،کيبر،مٽياري،ڪرم خان نظاماڻي،چودگي سميت ضلعي ڀرجي ننڍن وڏن شهرن ۽ڳوٺن ۾ رمضان شريف جي چنڊ جي نظراچڻ شرط ئي هالا،مٽياري،ڀٽ شاهه،نيوسعيدآباد جي حيسڪو انتطاميه پاران تراويح نماز کان وٺي پهرين روزي جي رکڻ کان روزي کولڻ تائين جي وقت تائين روزيدارن تحفوڏيندي 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ هٿرادو غيراعلانيه لوڊشيدنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.حيسڪو انتظاميه جي پاران هٿرادو اڻ اعلانيه لوڊشيدنگ جي ڪري مسجدن ۾ پاڻي جي نه هجڻ سبب نمازين کي وضوڪرڻ لاءَ پاڻي نه ملڻ سبب ڪافي مسجدن مان نمازين کي وضو گهران ڪري اچڻ جا اعلان پڻ ڪيا ويا.بجلي جي بند هجڻ جي ڪري مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين حيسڪو جي انتطاميه خلاف سخت احتجاج پڻ ڪياويا.جڏهن ته ٻئي طرف رمضان شريف جي آمد کان ئي حيسڪو جي پاران روزيدارن،نمازين کي پريشان ڪرڻ جي عمل تي هالا سميت ضلعي ڀرجي مختلف سياسي،سماجي ،مذهبي تنظيمن۽ هالا سميت ضلعي ڀر جي عوام پاران حيسڪو انتظاميه جي اهڙي عمل تي عوام ۽ اسلام دشمن عمل  تي سخت احتجاج ڪندي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وفاقي وزير بجلي،حيسڪو چيف،سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي موقعي تي نمازين ۽ روزيدارن کي بجلي جي بحران کي ڪڍڻ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ کي ختم ڪندي روضيدارن کي سهوليت ڏيڻ جومطالبو ڪيو آهي

إرسال تعليق

 
Top