GuidePedia

0
sehwan sharif wakelon ka police ke khalaf ihtjaj
سيوھڻ ۾ پوليس گردي خلاف وڪيل برادري جو احتجاج
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوھڻ ۾ پوليس گردي خلاف وڪيل برادري جو احتجاج: اي ايس پي سيوهڻ پاران جونيئر وڪيل سنتوش ڪمار کي بنا جواز جي لا ڪ اپ ڪرڻ واري عمل خلاف بار ايسو سيئيشن پاران احتجاج: عدالتي ڪارروائين بند ڪري ڪيسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو: سيوهڻ پوليس پاران وڪيل سان اڍنگي رويئي رکڻ جو اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو:

خبر موجب ڪالهه اي ايس پي سيوھڻ راءِ مظھر اقبال ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ جي جونئير وڪيل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر سنتوش ڪمار کي بنا ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو . پوليس پاران وڪيلن سان اهڙي رويئي اختيار ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن ثبوت ۽ نشاندهي جي جونيئر وڪيل سنتوش ڪمار کي لاڪ اپ ڪرڻ واري عمل خلاف وڪيل برادري پاران شديد مزمت ڪندي سيوھڻ جي وڪيلن بار ايسو سيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عاشق حسين سولنگي، جنرل سيڪريٽري محمد شريف سولنگي، منير احمد چنه، غلام مرتضيٰ ملاح سميت سينيئر وڪيل محمد عارب کوسو جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪندي ڪيسن هلائڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ۽ بار ايسوسيئيشن اڳيان احتجا جي مظاھرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻ وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اي ايس پي سيوهڻ ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ جي اڍنگي رويئي رکڻ ۽ وڪيل برادري سان ناانصافي ڪري قيد بنائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿاھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينھن اندر اي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ خلاف پوليس جي اعليٰ اختيارين نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هوڏانهن اي ايس پي سيوهڻ سان صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته منڊي بهائوالدين جي هڪ عورت جنهن جو ٻار اغوا ٿي ويو هو جنهن نشاندهي ڪئي ته مذڪوره وڪالت سان تعلق رکندڙ شخص ان معاملي ۾ ملوث لڳي ٿو شڪ جي بنياد تي کائنس پڇا ڳاڇا لاءِ اسان پنهنجي جانچ جاري رکيو ويٺا آهيون. 

إرسال تعليق

 
Top