GuidePedia

0
Hala=Hala Poliece K Hathon Moter Cycile Choree M Girftar 2  Mulzman & Beraamad Moter Cycils Dosry janb SSP Malak Zafer Iqbal Media Ko  Tafsil Bataty.

هالارپورٽ ۽ تصويرون:عبدالغفورميمڻ) 25 جون 2016

هالا شهر ۾ موٽرسائيڪل چوري جي وڌندڙ وارداتن ۽ شهرين پاران شڪايتن بعد ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال جي هدايتن تي سي آءِ اي ۽ هالا پوليس موٽرسائيڪل چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گروهه جي ٻن اهم جوابدارن مجاهد ڏاهري ۽ ارسلان ميمڻ کي گرفتار ڪري انهن وٽان 8 موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتيون، موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گروهه جي گرفتاري جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ شهري هالا ٿاڻي تي پهچي ويا جڏهن ته برآمد ٿيل موٽرسائيڪلون سڃاڻپ بعد ايس ايس پي مٽياري جي موجودگي ۾ اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال هالا ٿاڻي تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ عوام کي تنگ ڪندڙ ڏوهارين کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ آهي، هن چيو ته مٽياري ضلعو پرامن ضلعو آهي ۽ هتان جو عوام پڻ پرخلوص آهي، هالا شهر سميت سموري ضلعي مٽياري مان ڏوهارين ۽ سماجي براين جو خاتمو ڪيوويو آهي، موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ علائقي جا هئڻ ڪري انهن جي خبر نه پئي پئجي سگهي پر هالا پوليس ۽ اسان جي بهادر آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن پنهنجي حڪمت عملي سان ان گروه جي اهم ماڻهن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو آهي، ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري اهڙي ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙو کي ڏهه هزار رپيا روڪ انعام پڻ ڏنو، ان کان پهرين ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال جي هالا آمد تي باب النوح وٽ سوين شهرين ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان، سي آءِ اي انچارج مٽياري غلام اڪبر چانڊيو، ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙو مٿان گل نڇاور ڪيا ۽ انهن کي اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پارايون ۽ پوليس جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.جڏهن ته ان موقعي تي هالا جي شهرين ايس ايس پي مٽياري ۽ ساڻس گڏ پوليس آفيسرن ۽ جوانن هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ باب النوح کان هالا ٿاڻي تائين پهچايوويوان دوران پوليس آفيسرن جو مختلف سياسي،سماجي،تنظيمن جي اڳواڻن سندن درگاهه سرورنوح آڏو پڻ شانداراستقبال ڪيو.

إرسال تعليق

 
Top