GuidePedia

0
Hala=Dyver K Ziadation Ka Shikar Bewa Hindo Khaton Sunita  Roty Media Sy Guftago Kerty,Dosry Janb Un Ka Dyver Teerath Tafisil  Bataty.
هالا ڏير جي زيادتين خلاف هندو ناري سنيتا ميديا سان ڳالهائيندي ۽ ٻئي سندس ڏير تفصيل ٻڌائيندي 

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 25 جون 2016

ڏير جي زيادتين جو شڪار بڻيل ٽن ٻارن جي ماءِ سنيتا سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، هندو پنچائت ۽ صحافين اڳيان پنهنجو داستان ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺي، ڏير جي زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جي گهر،ڀاڄائي سان ڪابه ذيادتي ناهي ڪئي هو ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي.الزام هيٺ آيل ڏيرتيرٿ..تيرٿ جي ذيادتين تي ڪافي سمجهايم مگر هوڪا به ٻڏڻ لاءَ تيار ناهي.هندو پئچائت اڳواڻ سيٺ ٽيڪم داس.

خبر موجب هالا جي هندو برادري سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارن جي ماءُ سنيتا ڏير پاران ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ تشدد ڪرڻ خلاف سماجي تنظيمن کان لکت ۾ مدد جي اپيل ڪئي جنهن تي حيدرآباد جي گرين ورڪس تنظيم جي اڳواڻ فريدا چنا، سردار اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، هندوپنچائت اڳواڻ ٽيڪم داس سندس فرياد تي صحافين جي ٽيم سان گڏ هالا پهتا جتي سنيتا پنهنجي ڏير جي زيادتين خلاف دانهيندي لڙڪ لاڙي ويٺي، هن ٻڌايو ته سندس مڙس 8 سال پهرين گذاري ويو آهي جنهن کان پوءِ هو پاپڙ ويلي ۽ چپس کپائي پنهنجي هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين کي پالي رهي آهي، مڙس جي وفات بعد هن پنهنجي ٻارن جي ڪري ٻي شادي به نه ڪئي ۽ مڙس جي گهر ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو، هن ٻڌايو ته سندس مڙس جي وفات بعد هن جو ڏير تيرٿ هن جي مڙس جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ هن مٿان تشدد ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي دانهن هندوپنچائت کي پڻ ڏني وئي پر سندس ڏير تيرٿ ڪنهن جو به فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، هن ٻڌايو ته ڪجهه وقت پهرين هن پنهنجي ڏير کي ڪاروبار لاءِ ڪجهه پئسا پڻ ڏنا هئا جيڪي هن کائي کپائي ڇڏيا ۽ هاڻ مون مٿان تشدد ڪري مون کي گهر مان ڪڍي گهر کپائڻ ٿو چاهي، سنيتا صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي چيو ته سندس مڙس جون ٻه بيما پاليسيون ۽ هڪ عدد پلاٽ پڻ آهي جنهن تي سندس ڏير قبضو ڪري ويٺو آهي ۽ سندس معصوم ٻار بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، هن اعلى اختيارين ۽ وس وارن کان پرزور اپيل ڪئي ته سندس مدد ڪئي وڃي کيس ڏير جي تشدد کان بچائي سندس ملڪيت ڏير کان وٺي هن جي ٻارن حوالي ڪئي وڃي، بي طرف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فريدا چنا سردار اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، هندوپنچائت اڳواڻ ٽيڪم داس سنيتا ۽ سندس ٻارن کي يقين ڏياريو ته ساڻسن گڏ آهن ۽ کيس هر صورت ۾ انصاف وٺي ڏيندا.جڏهن ته الزام هيٺ آيل سنيتا جي ڏير تيرٿ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن پنهنجي ڀاڄائي سان ڪابه ذيادتي ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري انجو ڪو حق رکيو آهي مگر هن وقت هو ٻين جي بهڪائو ايندي کين خوارڪري رهي آهي.

إرسال تعليق

 
Top