GuidePedia

0
Hala=MWM Sidh K Secrytree Junral Molvi Dost Ali Saeedee &  Otherd Press Confrance Kerty (1)

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)04جون 2016

شيعه برادري جي سرعام قتل۽ حڪمرانن پاران قاتلن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪرڻ ۽ متحده وحدت المسلمين جي قائد علامه راجه ناصرعباس جي ٽن هفتن کان اسلام آباد جي پريس ڪلب آڏو شيعه برادري جي حقن لاءَ جاکوڙيندڙ جي حڪومت پاران سندس هڪ به ٻڌڻ تي ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻن جن ۾ ايم ڊبليو ايم سنڌجي سيڪريٽري جنرل علامه دوست علي سعيدي،علامه علي انور جعفري،صوبائي اڳواڻ نديم جعفري،ڊپٽي سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن يعقوب حسيني،هالا جو اڳواڻ ولي محمد ميمڻ جن سعيدي هائوس هالا ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي انهن چيو ته سندن قائد راجه ناصر عباس جعفري سندن مظلوميت کي طاقت ۾ تبديل ڪندي مظلوم عوام جي ترجماني ڪئي آهي هاڻي ان هڪ جي تحريڪ کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي شيعه قوم جي قتل عام تي ملڪ جي حڪمرانن ۽ رياستي ادارن جي خاموشي مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته انهن کي اسانجي جانين جي وڃڻ تي ڪو به فرق نٿو پوي ۽ هاڻي اسين پنهنجي قائد راجه ناصر عباس جعفري جي حڪم جي انتظار۾آهيون ته اهو کين ڪهڙو ٿو حڪم ڪري ۽ هاڻي اسان پنهنجن حقن لاءُ وڌيڪ جانين ڏيڻ جي لاءَ به حاضر آهيون ۽ هاڻي کين صرف علامه اقبال ۽ قائد اعظم واروپاڪستان کپي.هنن چيو ته هو پنهنجي قائد علامه راجه ناصرعباس جعفري کي ڪنهن به حال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا ۽ ان پاران شيعه قوم لاءَ شروع ڪيل جدوجهد ۾ هرقدم تي ملڪ جوعوام ان سان برابر جي شريڪ رهندو۽ هرقسم جي قرباني ڏيڻ کان نه پوئتي نه هٽندو.هنن چيو ته ملڪ جي حڪمران جماعت ملڪ ۾ شيعه برادري جي قتل عام جي روڪٿام تي ڪنٽرول نه ڪيو ته ملڪ ۾ فرقيواريت جنم وٺندي ۽ملڪ جو الله ئي حافظ هوندو.هنن چيو انهن فسادن جي جڙ سعودي حڪمران آهن جيڪي يهودي لاڀي جي دهشتگردن کي وڏي رقم ۽ کين جديد هٿيارن جي سکيا ڏياري اسلامي ملڪن ۾ فرقيواريت ڦهلائي دنيا ۾ امن وامان خراب ڪرائي رهي آهي.

إرسال تعليق

 
Top