GuidePedia

0


Pakistan Budget 2016-17 Online Sindhi News







اسلام آباد (آن لائين سنڌي نيوز) وفاقي حڪومتي نئين مال سال 17-2106ع لاءِ 34 کرب 90 ارب رپين جي بجييٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ فوجي خرچن ۾ واڌ ڪرڻ سان گڏ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ دستويزن مطابق ٻارن جي کير کان وٺي ڊائپر تائين هر استعمال ٿيندڙ شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي،وفاقي بجيٽ ۾ سگريٽ، موبائل فون، ايئر ڪنڊيشنڊ، فرج، چانهن جي پتي،ماربل، پنير ۽ ٻيون شيون به مهانگوين ڪيون ويون آهن، بجيٽ دستاويزن مطابق  انساني حقن جي لاءِ قانوني مشاورت لاءِ هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ملين، صنعت ۽ پيداوار ڊويزن جي لاءِ مجموعي طور تي 90 ڪروڙ 95 لک 25 هزار رپيا، صنعت ۽ پيداوار تحت پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ڊولپمينٽ ڪمپني جي ترقياتي منصوبن لاءِ 19 ڪروڙ 38 لک 50 هزار، بلوچستان ۾ بوستان انڊسٽريل اسٽيٽ جي فيز ون لاءِ 16 ڪروڙ 93 لک 18 هزار رپيا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڏکين هنڌن ۽ ڏورانهن علائقن جي عوام کي فون رابطي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت وارن منصوبن لاءِ آپٽڪ فائيبر ڪيبل وڇائڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ 85 لک 79 هزار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي ايس ايم نيٽ ورڪ جي تبديلي جي لاءِ 30 ڪروڙ روپيا، گلگت بلتستان ۾ موبائيل فون رابطا وڌائڻ لاءِ جي ايس ايم نيٽ ورڪ جي توسيع جي هڪ نئين منصوبي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا، اسلام آباد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ تعمير ڪرڻ جي لاءِ نئين منصوبي جي پهرين مرحلي لاءِ بجيٽ ۾ 15 ڪروڙ 12 لک 25 هزار روپيا، مذهبي معاملن واري وزارت جي ٻن اسڪيمن جي لاءِ 3 ڪروڙ 43 لک 14 هزار روپيا، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي چئن جاري اسڪيمن جي لاءِ 58 ڪروڙ 74 لک 76 هزار روپيا، پن بجلي جي 14 جاري ۽ ٻن نئين اسڪيمن تي مجموعي طور تي هڪ کرب 63 ارب 45 ڪروڙ 80 لک روپيا، هيوي ميڪينڪل ڪامپليڪس ٽيڪسلا ۾ توانائي جي شعبي لاءِ خصوصي ڊزائن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ روپيا، ڪوئيٽا بلوچستان ۾ انڊسٽريل اينڊ ٽريڊنگ اسٽيٽ فيز ٽو لاءِ 2 ڪروڙ 53 لک 50 هزار روپيا، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي اڳ ۾ جاري ۽ نون ترقياتي منصوبن لاءِ 27 ارب 56 ڪروڙ 4 لک 69 هزار، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي چئن ڪينسر اسپتالن جي لاءِ اوزارن جي خريداري لاءِ 75 ڪروڙ، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي چشما نيوڪليئر پاور پروجيڪٽ يونٽ سي 3 ۽ سي 4 جي لاءِ 22 ارب 32 ڪروڙ 42 لک 30 هزار، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي ملتان ۾ جاري ايم آءِ اين اي آر منصوبي جي لاءِ 79 ڪروڙ 64 لک 30 هزار، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي پي آءِ اين ايس ٽي آءِ سي ايڇ ليبارٽري فيز ٽو جي لاءِ 65 ڪروڙ 50 لک، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي ايبٽ آباد ۾ جاري آءِ اين او آر منصوبي جي توسيع لاءِ 43 ڪروڙ 3 لک 28 هزار، بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن جي اڳ ۾ جاري 5 ۽ ٻن نون ترقياتي منصوبن لاءِ 64 ڪروڙ 49 لک 99 هزار روپيا، منشيات جي خاتمي واري ڊويزن جي چئن جاري اسڪيمن جي لاءِ 15 ڪروڙ 80 لک روپيا ۽ ٻن نئين اسڪيمن جي لاءِ 6 ڪروڙ 4 لک 25 هزار روپيا، مواصلات واري وزارت جي 55 جاري ۽ 29 نون سڀني 84 منصوبن جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت هڪ کرب 93 ارب 28 ڪروڙ 52 لک 65 هزار روپيا، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊويزن جي 15 جاري منصوبن ۽ ٽن نون منصوبن لاءِ 30 ارب 65 ڪروڙ 11 لک 73 هزار روپيا، پاڻي ۽ بجلي واري ڊويزن جي پاور سيڪٽر ۾ پيپڪو جي جاري اسڪيمن تي هڪ کرب 97 ارب 87 ڪروڙ 10 لک 88 هزار، پاڻي ۽  بجلي واري ڊويزن جي پاڻي جي شعبي جي جاري منصوبن تي 28 ارب 31 ڪروڙ 83 لک 70 هزار، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي ٻن پهرين کان جاري ۽ هڪ نئين ترقياتي منصوبي لاءِ مجموعي طور تي 27 ڪروڙ 10 لک، پاڪستان نيوڪليئر اٿارٽي جي پاڪستان ۾ ايٽمي توانائي جي پلانٽ جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي سگهه جي بهتري جي نئين  منصوبي لاءِ 4 ڪروڙ روپيا، پاڪستان نيوڪليئر اٿارٽي جي پهرين کان جاري ٻن ترقياتي منصوبن لاءِ 23 ڪروڙ 10 لک، شماريات ڊويزن جي پهرين کان جاري ٻن ترقياتي منصوبن لاءِ 20 ڪروڙ، ايندڙ مالي سال 17 – 2016ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جا اهم گُڻ مجموعي ماپو 16 کرب 75 ارب رپيا، وفاقي ترقياتي ماپو 8 کرب رپيا ۽ صوبائي ساليانو ترقياتي پروگرام جو حصو 8 کرب 75 ارب رپيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي انتظام هيٺ جاري ۽ نون منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تعمير جي لاءِ 90 ڪروڙ، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ماحولياتي تبديلي واري ڊويزن جي منصوبي جي لاءِ هڪ ارب 2 ڪروڙ 70 لک، ماحولياتي تبديلي ڊويزن جي پهرين کان جاري ٻن ترقياتي منصوبن جي لاءِ 2 ڪروڙ 70 لک، ماحولياتي تبديلي ڊويزن جي گرين پاڪستان پروگرام جي نئين منصوبي جي لاءِ هڪ ارب، روينيو ڊويزن جي پهرين کان جاري 6 ۽ ٽن نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ 68 ڪروڙ 73 لک 4 هزار، روينيو ڊويزن جي پهرين کان جاري 6 منصوبن جي لاءِ 30 ڪروڙ 93 لک 4 هزار، روينيو ڊويزن جي ٽن نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ 37 ڪروڙ 80 لک، هائوسنگ اينڊ ورڪس جي جاري ۽ نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ 6 ارب 55 ڪروڙ 41 لک 64 هزار، پورٽ اينڊ شپنگ ڊويزن جي جاري ۽ نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ 12 ارب 82 ڪروڙ 51 لک 99 هزار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي جاري ۽ نئين اسڪيمن جي لاءِ مجموعي طور تي هڪ ارب 77 ڪروڙ 68 لک 72 هزار، ۽ تعميرات ڊويزن جي منصوبن جي لاءِ 7 ڪروڙ 60 لک 93 هزار، پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي لاءِ 50 ڪروڙ، وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1675 ارب، فيصل آباد کان خانيوال تائين 184 ڪلوميٽر ايڪسپريس وي جي تعمير موٽر وي ايم فور فيصل آباد ٽوبه ٽيڪ سنگهه کان جهنگ خانيوال جي جاري منصوبن لاءِ 7 ارب ، رياستن ۽ سرحدن معاملن واري ڊويزن جي جاري ۽ ٽن نون منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 22 ارب 30 ڪروڙ ،گهرو ڊويزن جي جاري ۽ نون منصوبن لاءِ 11 ارب 55 ڪروڙ 4 لک 11 روپيا، آءِ ٽي ٽليڪام جي شعبي ۾ 11 جاري ۽ ٽن نون مجموعي طور تي 14 منصوبن تي هڪ ارب 10 ڪروڙ 92 لک 49 هزار ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرحد تي وائيس ڪنٽويٽي ۽ ڊيٽا جي پهچ ۽ ايف سي نظام لڳائڻ لاءِ آءِ ٽي واري وزارت جي جاري منصوبن جي پڄاڻي جي سلسلي ۾ 23 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت تحت وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڪمپيوٽرائيزشن جي جاري منصوبن تحت رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ 7 ڪروڙ 37 لک 75 هزار، اسلام آباد ۾ موٽر وي پوليس جي مرڪزي آفيسن جي تعمير جي لاءِ 22 ڪروڙ 86 لک 19 هزار، ڪراچي ۾ ميونسپل پارڪ صدر کان ڪي اي ايس سي پاور هائوس چورنگي سرجاني ڪراچي جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت پهرين کان جاري منصوبي گرين لائين بس ٽرانزٽ سسٽم جي لاءِ 5 ارب ، ڪابينا ڊويزن جي جاري ۽ نون اسڪيمن جي لاءِ 36 ڪروڙ 69 لک، ايوي ايشن ڊويزن جي 15 جاري ۽ نون اسڪيمن جي لاءِ 4 ارب 69 ڪروڙ 52 لک، دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وزارت جي جاري ۽ چئن نون اسڪيمن جي لاءِ 4 ارب 82 ڪروڙ 60 لک 48 هزار، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي جاري ۽ ٽن نون منصوبن لاءِ 13 ڪروڙ 65 لک،هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 21 ارب، 48 ڪروڙ 64 لک،اطلاعات ۽ نشريات واري ڊويزن جي 21 جاري ۽ هڪ نئين اسڪيم لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ 33 ڪروڙ 54 لک 5 هزار، لياري ايڪسپريس جي لاءِ اين ايڇ اي جي هڪ جاري منصوبي تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ، سکر کان حيدرآباد جي لاءِ روڊن جي تعمير جي پهرين کان جاري منصوبن تحت سرڪاري ترقياتي پروگرام ۾ 230 ڪلوميٽر ڊگهي هڪ منصوبي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، پهرين کان جاري منصوبن تحت سنڌو دريا تي نشتر گهاٽ واري هنڌ تي اين فائيو ۽ اين 55 کي ملائڻ لاءِ پل جي تعمير لاءِ 90 ڪروڙ 

إرسال تعليق

 
Top