GuidePedia

0
Hala=Makhdom Aamar Hyder,Ac Hala M,Ikram Malak,Best  Comenter Shamshdin Memon,Allah Bachau Bacho Khilarion M Inamamat Dety.

هالا رپورٽ 15 جون 2016

روزانه سوڀ پاران جيمخانه ڪلب هالا جي وسيع گرائونڊ ۾ لڳايل هالا ڪپ ون نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ کيڏيندڙ مخدوم محبوب الزمان بمقابلاواپڊا اسڪارپ،۽ڀٽ شاه بمقابلا ميمڻ اسپورٽس ڪلب ٽيمن ۾ ٿيل شاندارمقابلن کي ڏسڻ لاءَ ڪرڪيٽ جي شائقينن جو هڪ وڏو انگ گرائونڊ ۾ موجود رهيو جيڪي دهلن،تاڙين،۽ هوڪرن سان پنهنجي پسند جي رانديگرن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ نعرا ۽ هوٽنگ ڪندي انهن جي حوصله افزائي ڪندا رهيا انهن ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پاران پنهنجين ٽيمن جي ڪاميابي ڪيل جدوجهد سبب گذريل رات جو ٿيندڙ مقابلن ۾ مخدوم محبوب الزمان جي ٽيم پنهنجي مدمقابل ٽيم کي 22 رنسن تي ڍير ڪندي ڏنل هدف کي 6 اوورن ۾ مڪمل ڪندي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جڏهن ته ٻئي رائونڊ ۾ ڀٽ شاهه جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 30سمورن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 30 اسڪورٺاهيوجڏهن سندس مقابلي ۾ کيڏيندڙ ميمڻ اسپورٽس ٽيم جي رانديگرن بهترين مقابلو ڪندي 10 وڪيٽن جي نقصان ۽ اٺن اوورن ۾ڏنل اسڪور جي ٽارگيٽ کي وڏي جفاڪشي ڪندي ڀٽ شاهه جي ٽيم کان مذڪوره ميچ کٽيندي سيمي فائينل ۾ پهتيون جڏهن مذڪوره ٽيمن جي مقابلن کي ڏسڻ لاءَ ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ شهرين جو هڪ وڏوانگ جيمخانه جي گرائونڊ جي اردگرد ۽ ديوارن تي ويهي انهن مان لطف اندوز ٿيندارهيا۽فجر جي اذان تائين جاري رهندڙراندڏسندا رهيا.انهن مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيمن جي ڪپتانن ۽ بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙرانديگرن کي مين آف دي مئڇ جا انعام پڻ ڏنا ويا ان سلسلي گذريل راتجي فاتح ٽيمن ۾ پ پ جي اڳواڻ ۽ تعلقه ڪائونسل هالا جي نامزد چيئرمن مخدوم عمارحيدر،اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ،سينئير صحافي عبدالغفور(اداڀائو)ميمڻ،هالا جي بهترين ڪرڪيٽ جي ڪامينٽرشمس الدين ميمڻ،معزز شخصيت مولابخش بچوجن رانديگرن ۾ شيلڊون تقسيم ڪيون.ان کان اڳ هالا ون ڪپ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪميٽي جي ميمبرن جن ۾شان حسين بچو،بهزاد سمون،راحيل ابڙو،رمين ابڙو،الهه بچايو(ننڍڙو)ميمڻ ۽ توقير ميمڻ جن مهمان خاص مخدوم عمار حيدر،اي سي هالا محمد اڪرام ملڪ ۽ سوڀ هالا جي رپورٽر عبدالغفور(اداڀائو) ميمڻ کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون اوڍايون.جڏهن ته مذڪوره نائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب جي ميچن جي انگريزي،سنڌي،اردو،پنجابي ۾ بهترين ڪامينٽري ڪندڙن هالا جي بهترين ڪامينٽرن جن ۾ وقاراحمد ارباب،شمس الدين ميمڻ،ديدارڇڇر،امتيازبچوجن پنهنجا فرض انجام ڏيندي ڪرڪيٽ جي شائقينن کي بهترين لظفن ۽ جملن سان لطف اندوزڪندا رهيا.مذڪوره هالا ڪپ ون جي سيمي فائينل سڀاڻي کيڏيو ويندو. 

إرسال تعليق

 
Top