هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 19 جون 2016
هالا پراڻه ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ پيرن جي لانڍين ۾ ڪچي
شراب جي وڪرو ڪندڙن خلاف هالا پراڻه پوليس پاران ڪيل ڪاروائي تي مقامي ماڻهن ۽
شراب وڪرو ڪندڙن پاران پوليس تي حملي ڪرڻ بعد انهن جي جوابدارن جي فرار ٿيڻ تي ايس
ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان پنهنجي وڏي پوليس نفري سان مذڪوره ڳوٺ ۾ ڪچي
شراب جي بٺين جي خاتمي لاءَ آپريشن جي پاڻ نگراني ڪندي ڳوٺ ۾ موجود سمورن گهرن جي
پاڻ گهر گهر تلاشي وٺندي اتان وڏن کڏن ۾ پوريل ڪچي شراب سان ڀريل وڏا ڊرم،ان جي
تياري ۾ ڪم ايندڙ سامان وڏي انگ ۾ هٿ ڪندي هالا،هالا پراڻه ٿاڻن جي حدن ۾ موجود
مختلف ڳوٺن جي تلاشي ڪندي اتان هزارين
ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪندي ان جي وڪري ۾ ملوث فرار جوابدارن خلاف مذڪوره حدن ۾ موجود
ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.
إرسال تعليق