GuidePedia

0
Hala Shahani Biradri Ja Manhon Police Oficer Khilaf Ahtjaj  Kandy

هالا (رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)1 جولاءِ 2016              
زمين تان هٿ کڻو نه ته ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائي مارائيندس........ سب انسپڪٽر فتح علي شاهاڻيءَ جون ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون، متاثر ڳوٺاڻن پاران هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ۽ انصاف لاءِ هالا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو.
خبر موجب ڳوٺ محمود شاهاڻي جي رهواسين نياز علي شاهاڻي، نياز حسين، لال ڏنو ۽ عاشق حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاھ ٿاڻي تي مقرر ايڊيشنل ايس ايڇ او فتح علي شاهاڻيءَ جي ذيادتين جي خلاف هالا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڳوٺ جر متاثرين شاهاڻي برادريءَ جي ماڻهن چيو ته سندس ڳوٺ جو رهواسي ۽ برادري سان تعلق رکندڙ فتح علي شاهاڻي پوليس ورديءَ جو ناجائز استعمال ڪندي ٽنڊو آدم پوليس سان ملي ڀڳت ڪري سندن اباڻي ملڪيت 3 ايڪڙ زرعي زمين تي زبردستي قبضي ڪرڻ لاءِ هو مٿن وقتن به وقتن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو، هنن ٻڌايو ته مذڪوره پوليس آفيسر ڪافي عرصي کان پنهنجي ڳوٺ سميت مقامي ماڻهن جي لاءِ آزار بڻيل آهي هن جي خلاف ڪيترن ئي ڳوٺاڻنمختلف وقتن تي ان جي اعلي آفيسرن کي پن ان جي زيادتين جون پڻ شڪايتون ڏنيون ۽ مذڪوره آفيسر خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ان خلاف درخواستون جمع ڪيون ويون آهن جنهن بعد ان خلاف ڪورٽ جي حڪم تي ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيرِ اعلي سنڌ، صوبائي گھرو وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياريءَ کان مطالبو ڪندي ڀٽ شاھ ٿاڻي تي مقرر ان عوام دشمن آفيسر کي فوري هٽائڻسندن زياستين خلاف انوڪوائري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

إرسال تعليق

 
Top