GuidePedia

0
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ لطيف هال مٽياري ۾ ائنٽي ڪرپشن ڪميٽي ٿري جي گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو آهي

مٽياري رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ روزيدارن کي رليف ڏيڻ خاطرعام واهپي جي شين جي اگھن تي ضابطو رکڻ لاءِ پرائيز ڪنٽرول ڪميٽي جي اڄ هڪ گڏجاڻي لطيف هال مٽياري ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ ضلعي جي ٽنهي اسٽنٽ ڪمشنرن، مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کان علاوه واپارين جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هر مسلمان لاءِ رحمتن ۽ برڪتن وارو مهينو آهي۽ ان جو احترام ڪرڻ هر انسان جوفرض آهي.هن شگر ۽ فلور ملن جي مالڪن کي چيو ته اهي رمضان پيڪيج تحت پنهنجي واسطيدار علائقن ۾ غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سستي اٽي ۽ کنڊ جا اسٽال لڳائين. هن واپارين کي اپيل ڪئي ته اهي دل ۾ خدا جو خوف رکي صاف سٿريون شيون وڪرو ڪن ۽ ماپ ۽ تور جو خاص خيال رکن جڏهن ته ضلعي انتظاميه پاران فراهم ڪيل قيمتن واري فهرست جي حساب سان پنهنجون شيون وڪرو ڪن ۽ غريبن کي ڦرڻ کان پاسو ڪن. هن کين اهو به چيو ته اهي روز مره جي شين جي مقرر ڪيل اگهن واري فهرست پنهنجي دڪانن تي ڪنهن نمايان هنڌن تي لڳائين ته جئين ماڻهو ان حساب سان شيون خريد ڪري سگهن. هن واپارين ۽ دڪاندارن کي چتاءُ ڏنو ته اهي روز مره جي کاڌ خوراڪ جون شيون سستي ۽ حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن تي وڪرو ڪرڻ کي يقيني بنائين ٻي صورت ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ يا منافه خوري ڪندڙ واپارين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته ان سلسلي ۾ بيورو آف سپلاءِ ۽ پرائيس، مارڪيٽ ڪميٽي ۽ روينيو عملدارن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون پيون وڃن. هن واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف مارڪيٽن ۽ بازارن جا اوچتا دورا ڪن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ توڙي منافه خورن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪندي ڏنڊ وجهن.گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مارڪيٽ ڪميٽي جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي حدن ۾ شڪايت سيل قائم ڪن.گڏجاڻي ۾ روز مرھ جي شين جي اگھن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ وپارين جي متفقه راءِ سان مختلف شين جا اگھ مقرر ڪيا ويا

إرسال تعليق

 
Top