GuidePedia

0

Hala=Bhai K Hathon Qatul Hony Wala Rind Aliهالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 26 جون 2016

شاهپوردرپورٿاڻي جي حد ۾واقع ڄام شاخ لڳ ويڳي ڀاءُ ڪهاڙين جا وار ڪري ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي هميشه لاءِ ننڊ سمهاري ڇڏيو جوابدار فرار ٿي ويو مٽياري ويجهو شاهه پور درپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي خان کوسو واقع ڄام شاخ وٽ زرعي زمين تي هڪ سال کان رهندڙ ڊيره مراد جمالي واسي 45 سالا رند علي ولد غلام رسول جکراڻي ۽ سندس گهر واري 40 سالا پالڪي عرف ٻانهي جکراڻي کي مهمان ٿي آيل سندن ويڳو ڀاءُ فتو جکراڻي رات ننڊ ۾ ستل هئڻ دوران ڪهاڙين جا وار ڪري کين  قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار موقعي واردات تان فرار ٿي ويو واقعي جو جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاشن کي کڻائي تعلقه اسپتال پهچايو جتي .رند علي جکراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس گهر واري ٻانهي جکراڻي کي زخمي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال روانو ڪيو جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويئي. پوليس ٻڌايو ته مقتول جي 10 سالن جي نينگر موجب سندن عزيز فتو جکراڻي ٻه ڏينهن پهرئين مهمان ٿي گهمڻ آيو هو ۽ رات دير سان بابا ۽ امان کي ڪهاڙين جا وار ڪري فرار ٿي ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ۽ آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف پوليس مطابق فوتي رند علي جکراڻي جي ڀاءُ سان رابطو ٿيو آهي جيڪو ڪجهه دير ۾ مٽياري ۾ لاش وصول ڪرڻ لاءِ پهچندو جتي هن کان قتل بابت پڻ وڌيڪ معلومات ورتي ويندي. جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته فوتي ۽ جوابدار بلوچستان جي علائقي مراد جمالي جا اصل رهواسي آهن.

إرسال تعليق

 
Top