GuidePedia

0
Hala=Makhdom Shah nawaz(Fail Photo)

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 26 جون 2016
مسلم ليگ ن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ ۽ضلعي مٽياري جي عوام ۾ سياسي بيداري پيدا ڪندڙ عظيم سياسي۽هالا جي عوام جي هردلعزيزشخصيت مرحوم مخدوم شاهنواز جي پنجين ورسي 30 جون 2016 بروز جمعرات جو هالا سميت ضلعي ڀرجي ننڍي وڏي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مختلف سياسي،سماجي،سميت سندس چاهيندڙن پاران الڳ الڳ ورسي ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويوآهي.ان سلسلي ۾مرحوم مخدوم شاهنواز جي فرزند مخدوم علي رضا ۽سندس ڀائيٽي پ پ اڳواڻ ۽ تعلقه ميونسيپل هالا جي نامزد چيئرمن مخدوم عمارحيدر پاران مذڪوره ڏهاڙي تي سندس ورسي جي موقعي تي درگاهه سرورنوح تي عوام جي لاءَ افطار جو اهتمام ڪندي هڪ سادي تقريب منعقد ڪئي آهي ان سلسلي ۾ مخدوم شاهنواز جي روح کي ايثال ثواب رسائڻ جي لاءَ شام پنجين وڳي قرآن خواني،ڇهڳن وڳي دعا،ستين وڳي مرحوم جي مزارتي فاتح ۽ گلن جي چادرچاڙهڻ بعد ورسي جي تقريب ۾ شريڪ معززين ۽ شهرين جي افطار جو اهتمام ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ مخدوم عمارحيدرپاران سندس چاچي مرحوم مخدوم شاهنواز جي 5 ورسي ۾ شرڪت لاءُ سنڌ ڀر سان تعلق رکندڙ سياسي،سماجي،شهرين تنظيمن جي اڳواڻن کي شرڪت لاءَ دعوت نامه پڻ ڏنا ويا آهن.جڏهن ته ٻئي طرف مخدوم شاهنواز جي ننڍي ڀاءُ ۽ مسلم ليگ اڳواڻ مخدوم عطا حسين،مسلم ليگ ن ضلعي مٽياري جي ضلعي صدر رائو اسلم پاران پڻ مرحوم مخدوم شاهنواز جي 5 ورسي جي سلسلي ۾ پنهنجن علائقن ۽ آفيسن ۾ تقريبون رکڻ ۽ مرحوم جي مزارتي فاتح ۽ گلن جون چادرون چاڙهڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي.

إرسال تعليق

 
Top