GuidePedia

0
سيوهڻ شريف حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي  لاش تي وارث هنجون هاريندي
سيوهڻ شريف (رپورٽر:قربان علي ڀٽي(
سيوهڻ ڀرسان ڪلري ۾روڊ حادثو پيش: ٽرڪ جو مزدا سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت 4 زخمي: زخمين کين ڇڇر پوليس حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو:زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

خبر موجب سيوهڻ شريف ڀرسان 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪلري ڳوٺ وٽ تيزرفتار مزدا ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار ٻه ڄڻا واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا محمد امين ٻگهيو ڀان واسي، عامر ساهڙ ميهڙ واسي، اڪبر ترخاڻي ۽ رضوان الله ترخاڻي ڊيرا مراد جمالي جا رهواسي زخمي ٿي پيا جن زخمين کي وڏا ڇڇر ٿاڻي جي پوليس اطلاع ملڻ تي حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. فوت ٿيندڙن ۾ 15 سالا نوجوان شڪيل احمد ٻگهيو جيڪو سيوهڻ ڀرسان گدو باغ ڳوٺ جو رهواسي آهي جڏهن ته ٻيو فوتي محمد يوسف عرف فياض ساهڙ ميهڙ واسي ٻڌايو پيو وڃي ٻنهي فوتين جا لاش گهر پهچڻ جي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته شڪيل ٻگهيو جي گهر وارن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

إرسال تعليق

 
Top