GuidePedia

0
Sehwan Nojawan Larki Sanjo Babar Sehwan Police Station Puhanch Gae

سيوهڻ شريف (رپورٽر:قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ ۾ 25 سالا نوجوان ناري سيوهڻ وجهه وٺي ٿاڻي تي پهچي ويئي: انصاف ڪريو جون صدائون: اسٽيشن محلا جي هڪ گهر ۾ قيد رهيس جتي مبينا زيادتي جو شڪار ٿيندي رهيس: (ناري سنجو ٻٻر جو بيان): 4 مهينا اڳ سيوهڻ جي درگاه تي آيس جتي نامعلوم ماڻهن نشو ڏئي کنڀيو قيد بنائي رکيو: ناري
تفصيل موجب گذريل رات دير سان اسٽيشن محلا سيوهڻ جي هڪ گھر اندر قيد ٿيل نوجوان ڇوڪري وجھ وٺي ٿاڻي تي پھتي وئي. ناري صحافين اڳيان بيان ڏيندي چيو ته سندس نالو سنجو ڌيءُ دادن ٻٻر ڪراچي جي رهواسڻ آهي. هوءَ چار مھينا اڳ پنھنجي مائٽن سان گڏ درگاھ قلندر جي مزار تي آئي ھئي جتان کيس نامعلوم ماڻھن نشو ڏئي کيس اغوا ڪري کنڀي ويا هئا. ھن چيوته کيس جڏھن ھوش آيو ته هوءَ نامعلوم ماڻهن جي گھر ۾ هئي. نوجوان ناري الزام لڳائيندي چيوته مونکي جوابدار سجاد سولنگي ۽ سندس ساٿين مون کي گذريل چئن مهينن کان مبينا زيادتي جو نشانو بنايو آهي ڪالھ رات دير سان وجھ وٺي ٿاڻي تي پناھ وٺڻ لاءِ پهتي آھيان. ٻئي پاسي سيوھڻ پوليس ناري سنجو ٻٻر جي نشاندھي تي اسٽيشن محلا جي گھر تي چڙهائي ڪري جوابدارسجاد سولنگي، پپو، اقبال، ۽ رياض سميت 10 سالن جي غلام حيدر عرف لالي سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي. الزام ھيٺ آيل جوابدار سجاد سولنگي سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ جي صحافين کي ٻڌايو ته مون ناري کي اغوا ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري کيس نشو وغيره ڏنو آهي. مان غريب ۽ چنگچي ھلائيندو آھيان ناري پريشان حالت ۾ منهنجي رڪشي ۾ چڙهي هن چيو ته تون مونکي پسند آھين. پنھنجي گھر وٺي ھل مان توسان شادي ڪرڻ چاھيان ٿي. جيڪا رات جي پيٽ ۾ پنهنجي منهن سان ڊرامو ٺاهي ٿاڻي تي پهچي اسان کي بيگناهه لاڪپ ڪرايو آهي. هوڏانهن سيوھڻ پوليس ناري کي بيان ڏيڻ لاءِ سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته نوجوان ناري سنجو ٻٻر جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي سيشن جج جي عدالت ۾ پيشي تي حاضر ڪيو وڃي.

إرسال تعليق

 
Top