GuidePedia

0
Hala=Nomolada Bachy Ki Lash P Makhian Nazer Aaty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 16 جولائي  2016  
گلشن فهيم ڪالوني هالا ۾ هڪ گهٽي جي نالي ۾ موجود زنده تازي ڄاول ٻارجنهن جي ڳلي تي گوگهي جا نشان پڻ چٽا نظراچي رهيا هئا مذڪوره ٻارکي اتان گذرندڙ ماڻهن نالي مان ڪڍي ورتوجڏهن ته مذڪوره ٻارجي نڪ ۽ اکين ۾ گٽرجو پاڻي وڃڻ سبب مذڪوره ٻار ڪجهه وقت بعد فوت ٿي ويواهڙي واقعي تي محلي ۾ رهندڙ ماڻهن فورن هالا پوليس کي آگاهه ڪيوجڏهن ته واقعي جي اطلاع تي سوين ماڻهو جمع ٿي ويا۽ لاش کي ايڌي رضاڪارن مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو،ٿاد رهي ته مذڪوره علائقي ۾بدپيشي جا ڪافي اڏاپڻ هلندڙ آهن ۽ اهو واقعو به انهن اڏن جي ڪنهن گهر۾ئي ان معصوم جو جنم ڪرائي ڏوهاري عورت پنهنجو ڪيل گناهه لڪائي ان کي جنم ڏياري ٻار کي بيدردي سان گٽر جي ڪني نالي ۾ اڇلائي ان کي ماري ڇڏيو،هالا جي شهرين ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان کان فوري مطالبو ڪندي مذڪوره واقعي جي جانچ ڪرائي ان علائقي ۾ برائي جا اڏا هلائيندڙ ۽ انهن جي مدد ڪندڙ ڏوهارين ۽ غيرقانوني طور ويم ڪرائيندڙ سرڪاري توڙي پرائيوٽ ميٽرنٽي اسپتالون هلائيندڙ ڊاڪٽرياڻين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو   آهي.


إرسال تعليق

 
Top