GuidePedia

0
HALA=Makhdoom Rafique ul Zaman and Dc matiari Parvez Ahmed  Baloach presiding over a meeting of Sindh Peoples
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 16 جولائي 2016
سنڌ پيپلس ڊولپمينٽ ڪميٽي مٽياري جي گڏجاڻي اڄ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان جي صدارت هيٺ لطيف هال مٽياري ۾ ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ کان علاوه ٻين سمورن سرڪاري کاتن جي سربراهن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ايس اي ورڪس ۽ سروسز مٽياري قاضي حبيب الرحمٰن ٻڌايو ته ضلعي سالياني پروگرام-16 2015 هيٺ ضلعي ۾ 949.25 ملين روپين جون روڊن جي اڏاوت/مرمت ۽ مختلف ڳوٺن ۾ گھٽين جي فرشبندي جي ڪل173رٿائن تي ڪم هلندڙ آهي.گڏجاڻي کي اهو به ٻڌايو ويو ته مالي سال 16-2015 دوران مختلف سيڪٽر جي ڪل 16 رٿائن کي مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪميونٽي ڊولپيمينٽ پروگرام 16-2015 جي 24 رٿائون ان کان علاوه آهن.گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ايگزيڪيٽو انجنئير پراونشنل هاءِ وي غلام شبير ميمڻ ٻڌايو ته صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام 16-2015 هيٺ مٽياري ضلعي ۾ هن وقت روڊن جي مرمت ۽ تعمير جون ڪل  6 رٿائون هلندڙ آهن جن ۾ 346.932 ملين روپين جي لاڳت سان 24 ڪلوميٽر  مٽياري کان الله ڏنو ساند روڊ  جي مرمت ،198.671 ملين روپين جي لاڳت سان پليجاڻي کان ٽنڊو ڄام وايا شاھ پور 18.41 ڪلو ميٽر روڊ جي مرمت، 54.3030 ملين روپين جي لاڳت سان الله واري چوڪ کان شاھ حبيب پمپ وايا درگاھ شاھ عبدالطيف ڀٽائي 3.22 ڪلو ميٽر روڊ جي مرمت،20.815 ملين روپين جي لاڳت سان بيگو ڪاڪا کان ڳوٺ آگروراهو تعلقو سعيدآباد 3.2 ڪلو ميٽر روڊ جي مرمت،54.143ملين روپين جي لاڳت سان ڳوٺ ڪالرو لنڪ روڊ کان ڳوٺ مخدوم پني لڌو، ڳوٺ علي اڪبر جاکرو يونين ڪائونسل زير پير 4 ڪلو ميٽر پڪي روڊ جي تعمير ۽ 34.758 ملين روپين جي لاڳت سان اڳوڻي نيشنل هاءِ وي 4/171 کان ڳوٺ ڀائي خان سوهوجووايا گولو انڙ ۽ ڪارو ڪيٽي  5 ڪلو ميٽر روڊ جي مرمت وارين رٿائن تي ڪم هلندڙ جڏهن ته صوبائي سالياني پروگرام17-2016 هيٺ پراڻي سعيدآباد کان ڳوٺ الله بخش ٻلال۽ ڳوٺ ممتاز ٻلال تائين ساڍا ٽي ڪلوميٽر روڊ جي مرمت جي رٿا تجويز ڪئي ويئي آهي.ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ايڪسين هالا ڊويزن غلام محي الدين مغل ٻڌايو ته ضلعي جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياءَ جي بند جي ڪل ڊيگھ 52 ميل آهي جڏهن ته ضلعي جي حدن ۾ سنڌو درياءَ جي بند  جا 9 حساس هنڌ آهن جن ۾ سعيدآباد ڍورو،ڀاڻوٺ ڍورو،کاڌ مٽياري 135 کان 137 تائين،هالا اولڊ اسپر، کاڻوٺ ڍورو کنڊو کان هيٺ، ڪلياڻ ڍورو،سيکاٽ ڍورو،بائوديرو ڍورو ۽ جاکري ڍورو شامل آهن جيڪي تمام پراڻا حساس قرار ڏنل آهن جن کي گذريل سالن جي ٻوڏن بعد تمام گھڻو مضبوط ڪيو ويو آهي،بند جي سطح کي وڌايو ويو آهي،حساس قرار ڏنل هنڌن تي اسٽون پچنگ ۽ اسپر ٺاهيا ويا آهن تنهن ڪري خطري جي ڪابه ڳالھ ڪونهي.هن ٻڌايو ته 2010 جي مها ٻوڏ دوران  بند جي حساس قرار ڏنل هنڌن وٽان پاڻي بنا ڪنهن نقصان جي خير سان گذري ويو هو تنهن باوجود انهن جي مضبوطي لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن هنڌن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. ان موقعي ايجوڪيشن ورڪس،پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ سميت ٻين کاتن جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني.  گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان چيو ته چيو پ پ پ جي موجوده حڪومت هر ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي رهي آهي ۽ خاص طور تي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي جڏهن ته  ترقياتي رٿائن جي هو پاڻ ذاتي طور نگراني ڪري رهيو آهي هن واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي رٿائن جي ڪم جي معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪن ۽ انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي انهن جو ثمر ملي سگھي.هن چيو ته عوام کي به گھرجي ته اهي سندن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن ۽ ڪٿي به ڪا ڪوتاهي ڏسن ته ان جي نشاندهي ضرور ڪن ته جيئن واسطيدارن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري پئسي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي .هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته کيس هر مهيني ڊپٽي ڪمشنر معرفت پنهنجي ڪارڪردگي ۽ رٿائن جي اسٽيٽس بابت تفصيلي رپورٽ موڪلي وڃي.هن چيو ته جيڪي ٺيڪيدار پنهنجو ڪم صحيح نٿا ڪن يا وري غير معياري ڪم ڪن ڪرائين ٿا ته اهڙن ٺيڪيدارن جا ٺيڪا رد ڪري انهن کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.__

إرسال تعليق

 
Top