GuidePedia

0
Turkey military coup 2016 Online Sindhi News

انقره/استنبول  ترڪيءَ جي بهادر عوام ملڪ ۾ فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائي نئين تاريخ لکي ڇڏي، جمهوريت لاءِ 161 شهرين پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ فوجي اهلڪارن سان سڄي رات ويڙهه ڪندڙ عوام ٽئنڪن آڏو اچي ويو ۽ پنهنجا سينا بندوقن آڏو ڏئي ڇڏيا، فوجي بغاوت ڪندڙ فوجي آفيسرن سميت 3000 اهلڪار گرفتار، 5 جنرل ۽ 29 ڪرنل به فارغ، ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته عوام تي بندوقون تاڻيندڙ اهلڪارن کي نه ڇڏينداسين، فوج مان گند صاف ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، فوجي بغاوت ناڪام ٿيڻ بعد لکين ماڻهو ايوان صدر ٻاهران پهچي ويا، صدر طيب اردگان به شهرين وچ ۾ رلي ملي ويو، جمهوريت جي فتح جو جشن، فوجي آفيسرن کي عبرتناڪ سزائون ڏيڻ جو اعلان، ترڪ حڪومت جنرل اميت دندار کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو، استنبول ۽ انقره مان سرڪاري عمارتن تان قبضو ختم ڪرايو ويو، ترڪيءَ سميت عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب جمعي ڏينهن شام جو اٽڪل ستين وڳي ڌاري ترڪيءَ جي جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فوج ۾ شامل هڪ گروپ بغاوت ڪندي ٽئنڪون رستن تي آڻي ڇڏيون ۽ استنبول جي مک پلن تي ٽئنڪون بيهاريون ويون، اهڙي طرح ڪجهه منٽن اندر فوجي اهلڪار انقره جي روڊن تي به اچي ويا، جڏهن ته فوجي جهازن اڏامون شروع ڪري ڇڏيون، فوج جي ڄاڻايل گروپ سرڪاري ٽي وي اسٽيشن تي قبضو ڪري اعلان ڪرايو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وئي آهي، اقتدار فوج جي حوالي آهي، هاڻي ملڪ جو انتظام امن ڪائونسل ذريعي هلايو ويندو، اهڙي اعلان بعد انقره، استنبول ۽ ترڪيءَ جي ٻين شهرن ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ جا آواز شروع ٿي ويا، فوج جي گن شپ هيليڪاپٽر پارليامينٽ هائوس، ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت پوليس هيڊڪوارٽر تي وڏي بمباري ڪئي، جڏهن ته انقره ايئرپورٽ کي سيل ڪري نو فلائي زون بڻايو ويو، اهڙي صورتحال سبب تازو پرڏيهه مان ڏيهه آيل ۽ استنبول ۾ موجود ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان ايئرپورٽ پهچي پنهنجي آءِ فون جي فيس ٽائيم سروس ذريعي بيان ڏنو ته عوام بغاوت خلاف روڊن تي اچي ۽ فوجي ڌڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائي، ترڪيءَ جي فوج اسان سان گڏ آهي، هڪ ڌڙي ملڪ سان بغاوت ڪئي آهي، اهڙو اعلان موبائيل فون تي اچڻ بعد شهري لکن جي تعداد ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ باغي فوجين خلاف ويڙهه شروع ڪئي، جڏهن ته صدر به استنبول کان خصوصي جهاز ۾ انقره پهتو، ترڪ صدر پنهنجي فوج ذريعي عوام سان سڌو رابطو ڪيو ۽ انهن کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو، صدر جو اهو خطاب سي اين اين ۽ ٻين عالمي ٽي وي چئنلن تي هلايو ويو، لکين شهري استنبول ۽ ٻين شهرن ۾ باغي فوجين آڏو اچي ويا، صدر جي هڪ اپيل تي لبيڪ چيو ويو، عوام جو اهڙو رد عمل ڏسي ڪيترائي فوجي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا، استنبول ۽ ٻين شهرن ۾ شهرين باغي فوجين سان وڙهندي جانين جون قربانيون ڏنيون، فوجين سان وڙهندي اٽڪل 161 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 1400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، انهن ۾ پوليس اهلڪار به شامل هئا، جڏهن ته 104 باغي فوجي آفيسر ۽ اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي شهري ٽئنڪن هيٺان پڻ ليٽي پيا ۽ باغي فوجين کي پڪڙي پوليس حوالي ڪندا رهيا، بغاوت ڪندڙ 16 فوجي اڳواڻ ملٽري هيڊ ڪوارٽر ۾ جهڙپن دوران مارجي ويا، جڏهن ته اٽڪل 3000 باغي فوجين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ 5 جنرل ۽ 29 ڪرنل به شامل آهن، باغين جي گن شپ هيليڪاپٽرن ذريعي فائرنگ سبب پارليامينٽ هائوس کي سخت نقصان رسيو، عمارت جون ڪيتريون ئي ڀتيون ڊهي پيون ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا، باغي فوج جو هڪ گن شپ هيليڪاپٽر پڻ ڪيرايو ويو، بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ مغوي بڻايل آرمي چيف کي بازياب ڪرايو ويو، فوجي بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ ترڪي جي وزيراعظم علي يلدرم جنرل اميت دندار کي ترڪي جو قائم مقام آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي، بغاوت کانپوءِ 29 ڪرنلن ۽ 5 جنرلز کي به عهدي تان فارغ ڪيو ويو آهي، بغاوت جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته فوج جي هڪ ننڍي گروپ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي عوام، پوليس ۽ جمهوريت پسند قوتن ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهيون ۽ جمهوريت ۾ عوام کان وڏي ڪا به طاقت نه ٿيندي آهي، فوج کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان کي به عوام جي خواهش موجب ڪم ڪرڻو پوندو، فوج مان گند کي ختم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن کي وڃائڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ان سازش جي پويان آمريڪا ۾ رهندڙ مبلغ فتح الله گولان ملوث آهي، ان جي ملوث هجڻ جا واضح اشارا مليا آهن، عوام ۾ موجود آهيان، عوام ۽ حڪومت خلاف بغاوت ڪندڙن کي ان جي سخت سزا ڀوڳڻي پوندي، ڪجهه ماڻهو ترڪي جي ترقي ڏسڻ نه ٿا چاهين پر ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اڄ جو ترڪي تمام مختلف آهي، ترڪي جي خوشحالي جو سفر جاري رهندو، ٻئي پاسي ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم خطاب ۾ چيو ته فوج جي هڪ گروپ اقتدار تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي عوام جي طاقت سان ناڪام بڻايو ويو آهي، باغي گروپ کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، باغي فوجي ملڪ جا غدار آهن، جهڙپن دوران وزيراعظم هائوس طرف ويندڙ ٽئنڪن کي عوام جي وڏي انگ سامهون اچي رد ڪيو ۽ انهن ٽئنڪن تي چڙهي ويا، ماڻهو باغين جي ٽئنڪن کي ڏنڊا هڻندي ان تي سوار فوجين کي سڄي رات گهليندا پوليس حوالي ڪندا رهيا، هوڏانهن انقره جي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ تي باغين کي اتي موجود ماڻهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، بغاوت ناڪام ٿيڻ کانپوءِ اڏامن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، بغاوت ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ترڪي ۾ شهري ملڪي جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا، لکين شهري ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي رهائشگاهه ٻاهران پهتا، جنهن تي صدر رجب طيب اردگان ٻاهر اچي سندن نعرن جو جواب ڏنو ۽ پاڻ به نعرا هڻندو رهيو، هڪ رات ۾ فوجي بغاوت ناڪام بڻائڻ بعد رجب طيب اردگان جي حڪومت مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ فوج جي ڪمانڊ وفادار ڪمانڊرن حوالي ڪئي وئي، وزيراعظم موجب فوجي بغاوت ۾ ملوث اعليٰ آفيسرن سميت اٽڪل 3000 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

إرسال تعليق

 
Top