GuidePedia

0
kashmir bharti forc kill 44 kashmiri today news Online Sindhi NEws

سرينگر:والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان وڌيڪ هڪ نوجوان جي شهادت کان پوءِ شهيد ٿيل ڪشميرين جو انگ 44 ٿي ويو آهي،جڏهن ته اخبارون ڇاپڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق علائقي ۾ هلندڙ مهيني جي 8 تاريخ کان حزب المجاهدين جي پهرين صف جي ڪمانڊر برهان مظفر واني جي عدالت کان مٿانهين قتل کانپوءِ حالتون خراب ٿي ويون آهن، ڀارتي فوجين ڪپواڙه ضلعي ۾ احتجاج ڪندڙ پرامن ڪشميرين  تي فائرنگ ڪري شوڪت احمد ملڪ نالي نوجوان کي شهيد ڪيو، ڀارتي فورسز جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ۽ ڳوڙها گئس جي استعمال سبب هيستائين عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 2500 کان مٿي ڪشميري زخمي پڻ ٿيا آهن، هوڏانهن والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو ۽ اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ وارو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ، موبائيل سروسز ۽ ڪيبل جي نشريات بند رکڻ کانپوءِ قابض انتظاميه اخبارون ڇاپڻ ۽ ڪيبل نيٽ ورڪ تي به مڪمل پابندي وجهي ڇڏي آهي، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي پوليس سرينگر مان شايع ٿيندڙ مشهور اخبار ”گريٽر ڪشمير“، ”ڪشمير عظميٰ“، ”رائيزنگ ڪشمير“ ۽ ٻين اخبارن جي آفيسن تي ڇاپا هڻي اخبارن جون پرنٽ ٿيل ڪاپيون ۽ پليٽون ضبط ڪيون، جڏهن ته ڪيترن ئي ملازمن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو،ڀارتي هٿن ۾ کيڏندڙ انتظاميه اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي ٻڌايو آهي ته اها صورتحال گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ 3 ڏينهن تائين جاري رهندي.

إرسال تعليق

 
Top