GuidePedia

0
تاريخ 26 جولائي 2016
آرٽيڪل: اختيارعلي ميرجت   

Bhit Shah Sindhi Article By Akhtiar Mirjut Online Sindhi Newsڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه سنڌ جو هڪ تاريخي انٽر نيشنل شهر آهي سنڌ جي عظيم شاعر بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي آخري آرام درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي ڪري هي شهر سڄي هند ،سنڌ سميت پوري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو هيءَ اها ڌرتي آهي جنهن تي چائنه، جاپان،ايران،سعودي عرب  انڊيا،انگلينڊ،ملائشيه،آمريڪا،آسٽريليا سميت دنيا جي ٻين پرڏيهي ملڪن جي سياست،مذهب،صحافت،،شاعري ۽ ادب  سيمت هر طرح سان تعلق رکندڙ ماڻهون پاڪستان جا وزير،وڪيل،قانوني ماهر،سياسي توڙي قومپرست پارٽين،صحافين ۽ مذهبي اڳواڻن،سرڪاري آفيسرن جي سڄو سال آمد جاري رهي ٿي ملڪ جي نئي سياسي يا قومپرست پارٽي جي جدوجهد ڀٽائي جي درگاهه تي دعا گهرڻ بعد ئي شروعات ٿيندي آهي هن شهر جي اصل سڃاڻپ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي مزار آهي ڀٽائي رحه سرڪار پوري انسانيت کي محبت ڀائيچاري،ايڪي ۽ ٻڌي ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جو درس ڏنو آهي ۽ پاڻ پوري عالم جي لاءِ دعا ڪئي آهي انهيءِ دعا جي در ڀٽائي سرڪار جي روزي جي سونهن ۽ سهڻو منظر پري کان ئي ڏسي دل کي سڪون ملي ويندو آهي اينهين محسوس ٿيندو آهي ڪنهن وادي واري علائقي ۾ پهچي ويا هجون جتي نه ته ڪو گوڙ نه ڪا آلودگي آهي ڀٽ شاهه  شهر۾ پهچندي ئي الله جي نالي وٽ ريسٽ هائوس واري پاسي کان نظر وجهندا  سين ته شاهه جو باغ  جي ساوڪ ۽ راندين ۾ مدهوش ٻارڙا ،ڀٽائي سرڪار جي تاريخي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻيڙي ذريعي سير ڪندڙ ڀٽائي جي عقيدتمند جو منظر ڏسون ٿا ته سنڌو درياءَ جون ڇوليون،ڄامشوري جي پل المنظر جو سهڻو منظر اتي جون ٿڌيون هوائون ۽ ٻيا دل کي سڪون ڏيندڙ تاريخي ماڳ ياد اچو وڃن پر افسوس ان وقت ئي دل غمغين ۽ اکيون پاڻي سان ڀرجي اچن ٿيون جڏهن شهر ۾ اندر داخل ٿيندي ئي ڀٽائي جي شهر جا ٽٽل ،ڀڳل کڏن وارا روڊ رستا ۽ ٻنهي روڊن جي وچ تي ٽٽي ،سڙي تباهه ٿيل لوهي گرلون ۽ شهر جي مک چوڪ دنبوره چوڪ تي هر وقت گندي پاڻي جو بيٺل تلاءُ ۽ گند ڪچري جا ڍير ڏسي اکيون رت روئن ٿيون ڀٽ شاهه شهر جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن  جي ڪري هن جديد دور ۾ به ترقياتي ڪمن جي حوالي سان محروم بڻيل آهي ڀٽ شاهه جو شهر ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ٿيڻ سبب 20 سال پوئتي هليو ويو آهي گذريل ڪيتري ئي وقت کان شهر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم پورو نه ٿي سگهيو آهي شهر جي ترقياتي ڪمن لاءِ مليل ڪروڙين روپين مان ڪٿي سر جو نشان به نظر نٿو اچي اڳوڻي پ پ پ 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪم تحت ڀٽ شاهه کي ٻين شهرن جيان خوبصورت ۽ سنڌ جي ثقافت جو مرڪز بنائڻ واري فيصلي کانپوءِ 2009 ۾ ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پراجيڪٽ نالي سان ڀٽ شاهه شهر لاءِ  ڏيڍ ارب روپيه جاري ڪيا ويا انهن پئسن مان ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پراجيڪٽ  تحت درگاهه ڀٽ شاهه سميت ڪراڙ ڍنڍ جي خوبصورتي ڀٽ شاهه اسپتال جي بلڊنگ ،ِ ماهر ليڊي ڊاڪٽرز ۽ اسپتال ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ ڀٽ شاهه جي تعليمي ادارن ۾ سڌارو آڻڻ ۽ اضافي ڪمره  ٺهرائڻ ،تعليمي معيار جي بهتري لاءِ ڪمپيوٽر ليبارٽريز ،نيو فرنيچر ۽  اسڪولن جي مرمت ڪرڻ ،ڪاليج جي بلڊنگ ٺاهڻ ،ٽريفڪ جي نظام تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ شهر اندر حددخليون ختم ڪرڻ ،ڀٽ شاهه نيشنل هائي وي ۽  شهر طرف ايندڙ روڊن جي ٻنهي طرف وڻ پوکڻ کان علاوه ڀٽ شاهه جي تمام ننڍن وڏن روڊن کي نئي سر پڪو ڪرڻ ،ڀٽ شاهه جي ڊرينيج سسٽم کي جديد ٺاهڻ ،واٽر سپلاءِ اسڪيم ذريعي شهرين کي صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ  توڙي گئس ۽ بجلي جي بحران کي ضابطو آڻڻ سان گڏ يحقوب شهيد قبرستان کي چوديواري ڏيارڻ ،شاگردن لاءِ راند جو ميدان،ڀٽائي جي زائرين ۽ شهرين لاءِ تفريحي پارڪ جوڙڻ، سميت ڪيتريون ئي کوڙ ساريون ننڍيون وڏيون اسڪيمون شامل هيون انهن سڀني اسڪيمن کي 5 سالن اندر مڪمل ڪرڻو هو جنهن لاءِ سنڌ جي نامور انجنيئر شفيق احمد پراچه کي ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پروجيڪٽ جو چيئرمين بنايو ويو ۽ ان وقت جي ڊي سي ثاقب احمد سومرو ۽ پير آف ڀٽ شاهه سيد مظهرعلي شاهه عرف سيد نازڻ شاهه سميت ڪافي معززين کي پراجيڪٽ ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو بيوٽيفڪيشن پروجيڪٽ تحت شروعاتي هڪ سال ۾ ڪراڙ ڍنڍ کي خوبصورت بنائڻ سان گڏو گڏ ڀٽ شاهه اسپتال ۽ ڪاليج جا اضافي ڪمره ٺاهيا ويا جڏهن ته گرلز هائير اسڪول ۽ پير محله ۾ پلي گرائونڊ تي چوديواري جو ڪم شروع هو ته اوچتو سياسي مداخلت سبب سنڌ حڪومت شفيق پراچه کي چيئرمين جي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي مخدوم جميل الزمان کي مقرر ڪيو ويو  جنهن کان پوءِ بيوٽيفڪيشن پراجيڪٽ ۾ چيئرمين ۽ ميمبرن کي هٽائڻ ۽ مقرر ڪرڻ جو سلسلو هلندو رهيو ۽ ڀٽ شاهه جا ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿيندا ويا اينئين ئي اوچتو خبر پئي ته مبينه ڪرپشن تحت ڀٽ شاهه بيو ٽيفڪيشن پراجيڪٽ مٽياري ۾ آفيس کي سيل ڪري پراجيڪٽ جو رڪارڊ ضبط ڪري پروجيڪٽ چيئرمين مخدوم جميل الزمان کي عهدي تان هٽائي ان وقت جي ڊي ڊي او عقيل منور ابڙو مختيار ڪار راشد ڪاڪا ۽ ڀٽ شاهه جي  هڪ رهائشي کي گرفتار ڪري اينٽي ڪرپشن پوليس حوالي ڪيو ويو جنهن جي انڪوائري جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اها انڪوائري ڪٿي هلي رهي آهي ۽  اهي ڪروڙين روپيه ڪڏاهن ويا ۽ اينهين ڀٽائي جي زائرين جي سهولتن ۽ ڀٽ شاهه شهر کي ترقياتي ڪمن لاءِ مليل ڪروڙين روپيه مبينا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا  جڏهن ته ڪروڙين روپين تي مشتمل ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پراجيڪٽ ناڪام ٿي ويو سنڌ حڪومت ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پراجيڪٽ  ۾ ڪم ڪندڙ 25 کان 30 ملازمن کي پڻ فارغ ڪري گهر روانو ڪري ڇڏيو ٿيو اينهين وڃي جو سنڌ حڪومت پاران ڀٽ شاهه جي عوام ۽ عقيدتمندن لاءِ آيل ڪروڙين روپيه غريب عوام کي سک ڏيڻ بدران آفيسرن ۽ حڪومتي نمائيندن جي عياشين تي خرچ ٿي ويا  شهر ۾ شروع ٿيل اسڪيمون ڪاغذي ڪاروائي ۾ ته مڪمل ڄاڻايون ويون پر شهر ۾ ڪٿي به ٽڪي جو ڪم نه ڪرايو ويو واٽر سپلائي ۽ ٻين ڪم ڪار جي بهاني شهر جا روڊ ۽ پڪيون گهٽيون ٽوڙايون ويون جن جي اڄ تايئن مرمت نه ٿي سگهي آهي ڀٽائي جي نگري جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري شهر کنڊرات بڻجي ويو آهي شهر جي پاڙي لطيف ڪالوني،پيرمحله،ٻگهيه محله ،شيخ محله سميت ٻين پاڙن جون پڪيون گهٽيون ، مک روڊ رستا درگاهه روڊ،اسٽيشن روڊ،ڀٽ شاهه ٽو هالا لنڪ روڊ،چودگي روڊ،اسپتال روڊ، پي ٽي سي ايل ايڪسچئنج روڊ،هاءِ اسڪول روڊ، مين پرائمري اسڪول روڊ، بوائز ائنڊ گرلز ڪاليج روڊ،صوفي يونيورسٽي روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن روڊن ۾ کڏا هئڻ سبب ٽريفڪ هر وقت جام رهي ٿي جنهن ڪري شهرين ۽ مسافرن جي عام زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي ۽ حادثه به معمول بڻجي ويا آهن ٽرانسپورٽرن ۽ عام شهرين ۾ ٽريفڪ حادثن جي معاملي تي جهيڙا روز بروز وڌي رهيا آهن شهر جي مين شاهي بازار ،دنبوره چوڪ تي 24 ڪلاڪ گندي پاڻي جو تلاءُ بيٺل رهي ٿو جنهن سبب درگاهه تي انيدڙ زائرين ۽ شهري ۽ دڪاندار تمام گهڻو پريشان ۽ بيزار ٿي ويا آهن هر هڪ پاڙي لطيف ڪالوني،ٻگهيه پاڙي،پير پاڙي،شيخ پاڙي،هنرمند،فقير ڪالوني،شاهه حبيب چوڪ ،اسٽيشن روڊ،پوسٽ آفيس روڊ،پراڻو ملاکڙا گرائونڊ قبرستانن ۽ سرڪاري ادارن ۽ عبادتگاهن اڳيان گندي پاڻي جا تلاءُ بيٺل آهن هر طرف گندگي جاڍير لڳل آهن ٽائون آفيس جي عملي سميت صفائي وارو عملو شهر ۾ مهينن تائين گم آهي ٽائون ڪميٽين ۾ٽريڪٽر،ڊيزل انجڻ،بجلي جون موٽرون،فرنيچر،لوهي پائپ ۽ ٻئي مشينري سالن کان خراب بيٺل آهي جنهن جي مرمت نه ڪرائي وئي آهي ۽ ٽائون ڪميٽي جا عملدار مشينري جي رپيئرنگ،ڊيزل،تيل ۽ ٻئي ڪم ڪار جي مد ۾ هر مهيني لکين روپيه تين وال ڪريو ڇڏين جن کان ڪو به پڇڻ وارو نه آهي  جڏهن ته شهر جي اسٽريٽ لائٽ ناڪاره بڻجي وئي آهي جنهن سبب ڀٽ ڌڻي جو شهر اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو آهي ڀٽ شاهه موري کان دنبوره چوڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان بجلي جي ٿنڀن ۾ لڳل اسٽريٽ لائٽ جي 10 سالن کان وٺي مرمت نه ڪرائي وئي آهي جيڪا هاڻي ناڪاره بڻجي وئي آهي  جڏهن ته شهر قبرستان جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي ڏهن سالن کان وٺي شهر ۾ مڇر مار اسپري نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي مڇرن جي چڪ سبب ننڍڙا ٻار توڙي وڏي ڄمار وارا مليريا بخار،گيسٽرو سميت ٻين پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن شهر ۾ بجلي جي اک ٻوٽ پڻ جاري آهي جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن حيسڪو پاران شهر ۾ 12 ،12 بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته رات جو ڪنهن به وقت بجلي بند ٿيو وڃي شهر ۾ هٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ  سبب شهري سخت عذاب ۾ پئجي ويا آهن جڏهن ته شهرين ۽ زائرين کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي بجلي جي بند ٿيڻ سبب درگاهه تي پيئڻ جي پاڻي سميت وضو لاءِ پاڻي جي فراهمي پڻ بند ٿيو وڃي جڏهن ته درگاهه تي سيڪيورٽي ادارن موجب لڳايل سرڪٽ ڪئميرائون پڻ لوڊشيڊنگ سبب اڪثر ڪري بند رهن ٿيون جنهن ڪري درگاهه تي چوري جو آزار پڻ وڌي ويو آهي ۽ سيڪيورٽي خدشه پڻ وڌي ويا آهن شهرين جي پيئڻ جو جر جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو آهي جيڪو انسانن جي پيئڻ لائق نه رهيو آهي  هتان جا رهواسي جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب شهري هيپاٽائٽس بي،سي،چمڙي،خارش سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن شهر ۾ آر او پلانٽ به لڳي سگهيه آهن جيڪا ڀٽ شاهه واسين سان تمام گهڻي ناجائزي آهي هوڏانهن شهر ۾ ٻيهر حد دخلين جو آزار وڌي ويو آهي شهرجي روڊن جي ٻنهي پاسن کان بااثر ماڻهن ،دڪاندارن،ريڙهي وارن،هوٽل مالڪن،ڪئبنن واران ٻيهر قبضه پڪا ڪري ورتا آهن دڪاندارن دڪانن جي اڳيان ۽ پاسا ريڙهن وارن کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا آهن جنهن سبب ٽرئفڪ هر وقت جام رهي ٿي جنهن ڪري زائرين ،مسافرن کي گس ويندي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اعلاج لاءِ ايندڙ مريض ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪندا رهن ٿا ڀٽ شاهه شهر جي خراب صورتحال حڪمرانن ،چونڊيل نمائيندن ۽ ڪامورن لاءِ سواليه ؟ نشان بڻيل آهي.

إرسال تعليق

 
Top