GuidePedia

0
تاريخ 26 جولائي 2016
آرٽيڪل: اختيارعلي ميرجت   

ڀٽ شاهه ۾ اٽو،کنڊ،پتي، تيل،ڀاڻ،ٻج،زرعي دوائون، موٽر سائيڪل،ڪار،موبائيل فون،ڪمپيوٽر۽ ٻيو سيڌي جو سامان وياج عيوض ملي رهيو آهي ۽ وياج جي رقم گهربل رقم کان چئوڻ تي وصول ڪئي وڃي ٿي شهر ۾ وڌندڙ وياج جو ڪاروبار هتان جي عوام لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو آهي وياج خوري سبب شهر ۾ غربت جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافعو ٿي رهيو آهي شهر جا چڱا ڀلا ماڻهون  وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن ۽ اهي وياج وصول ڪرڻ کان پوءِ وياج جي ڳري رقم واپس نه ڪرڻ سبب ذهني مريض بڻجي ويا آهن وياج جي رقم ڀرڻ جي سگهه نه رکندڙ ماڻهون وياج خورن پاران مسلسل دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي ڪري ذهني مريض بڻجڻ سان گڏ خود ڪشيون ڪرڻ تي به مجبور آهن  وياج خورن پاران غريب ،اٻوجهه ۽ بي پهچ مسڪين ماڻهن کان اٽي جي 5 ڪلو واري ٿيلهي تي به انٽيسٽ جي نالي سان وياج وصول ڪيو پيو وڃي ٻيو ته ٺهيو پر کاڌي پيتي جي شين سميت سيڌي جو سامان اوڌر تي ڏيڻ تي به وياج ورتو پيو وڃي شهر ۾ وياج جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن عروج تي وڌندو پيو وڃي جنهن ڪري هتان جي عوام وياج خورن هٿان پنهجون الهه تلهه اباڻي ملڪيتون کپائي ڇڏيون آهن ،ذريعن موجب ڀٽ شاهه ۾ انٽيسٽ جي نالي سان وياج جو ڪاروبار ڪندڙ هتان جي ماڻهن کي 1000 جي رقم پويان 30 کان 35 فيصد وياج رکي کين لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي جڏهن ته هتان جي ماڻهن کي  15000 کان 20000 روپيه وياج جي ڏنل رقم 15 سالن جي قسطن ۾ به نه لهي سگهي آهيو وياج خور ڏنل رقم جي واپسي کان پوءِ به اصل رقم جي چئوڻ تي وياج وٺي رهيا آهن جنهن ڪري به هتان جا ماڻهون وياج جي رقم چئوڻ تي ڀري رهيا آهن مجبور ۽ لاچار ماڻهون پنهنجي گهر جو سون،چاندي،گهر،گاڏي،زمين ۽ ملڪيتن جي ڪاغذن سميت ٻيون قيمتي شيون گروي رکي وياج جي رقم وصول ڪن ٿا ۽ ملندڙ رقم عيوض چئوڻ کان پنجوڻ تائين پهچڻ تائين به سندن مٿان لڳل وياج ختم نه ٿو ٿئي وياج خور چند ڏينهن ۾ لکا پتي مان ڪروڙن روپين جي جي پراپرٽي بئنڪ بئلنس،گاڏين ،بنگلن،زمينن جا مالڪ بڻجي ويا آهن ۽ وياج ڀريندڙ غربت ۽ تنگي جو شڪار ٿي ويا آهن وياج خورن ڪيترائي گهر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن وياج وصول ڪندڙ وياج خورن جي بليڪ ميلنگ جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن ڪيترائي ماڻهون وياج جي رقم عيوض پنهنجي زندگي جي پوري ڪمائي وياج خورن حوالي ڪري ويٺل آهن پر اڃان تائين سندن مٿان لڳل وياج ختم ئي نه ٿو ٿئي ،ڪيترائي ماڻهون وياج جي رقم واپس  نه ڪرڻ ڪري خود خوشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن هتان جا واڻيا ۽ ميگهواڙ برادريون وياج ڏيندڙ برادرين ۾ ٽاپ تي آهن جڏهن ته  ٻيون هندو برادريون به وياج جو ڪاروبار عروج تي ڪري رهيون آهن وياج ڏيندڙ ڌريون سيڌي جي سامان،تيل،ڀاڻ،ٻج،زرعي دوائن، موٽر سائيڪل،ڪار،موبائيل فون،ڪمپيوٽر ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين تي به وياج جو ڪاروبار ڪن ٿيون هزارن جي ٿورڙي رقم تي وياج جو ڪم شروع ڪندڙ ماڻهون لک پتي ۽ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن وياج ڏيندڙ ڌريون سالن کان وٺي وياج جو ڪڌو ڪاروبار ڪري رهيا آهن پر انهن خلاف ڪو به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هتان جا آبادگار به وياج خورن جا قرضي بڻيل آهن وياج خور زميدارن کي تيل،ٻج،ڪلر،ڀاڻ،زرعي دوائون سيڌي جو سامان،ڪپڙا ۽ جتيون به 6 کان 12 ٻارهن مهينن جي اوڌر تي وياج عيوض  ڏين ٿا ۽ موٽ ۾ سندن لهندڙ فصل جو 99 سيڪڙو حصو پاڻ کڻيو وڃن جنهن ڪري هتان جا زميدار ۽ هاري پنهنجي محنت سان ڪاهيل فصل جي داڻي لاءِ به سڪي ويا آهن زميدار ماڻهون وياج جي قرضي ۾ دٻجي تباهه ٿي ويا آهن ڪيترن ئي زميدارن وياج جي قرض کان تنگ اچي پنهنجون ذاتي اباڻي زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض ٺيڪيدارن کي مڪاتي ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن هتي وياج جو ڪاروبار تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جيڪو هتان جي عوام جي زندگي،ملڪيتن ۽ سندن مستقبل لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي عام توڙي سرڪاري ملازم استاد،پٽيوالا،چوڪيدار،ڪلارڪ، ٽائون ڪميٽي جو صفائي واري عملي جون عورتون ۽ مرد به وياج خورن وٽ سالن کان وٺي قرضي آهن سندن پگهارون به وياج خور پاڻ وٽ رکيو ڇڏين جنهن ڪري صفائي وارو عملو سڄو مهينو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پني کائي پيٽ گذراڻ ڪرڻ  تي مجبور آهن  ۽ ٻيا سرڪار جا حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازم به وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن جا چيڪ بڪ ۽ سروس بڪ اوڌر تي کنيل سامن ۽ ڪيش رقم وصول ڪرڻ تي وياج عيوض وياج خورن وٽ رکيل آهن وياج خور بئنڪ عملي سان ملي ڪري هر مهيني پگهار اچڻ شرط هڪدم پگهار جي پوري رقم پاڻ کڻيو وڃن ۽ ملازم وري به وياج خورن کان وڌيڪ وياج جي رقم وٺڻ تي مجبور آهن وياج نه وٺڻ جي صورت ۾ سندن  گهر ڀاتي ٻار فاقا ڪشي،بک ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن وياج خورن جو سڄو ڪاروبار وياج کڻندڙ ملازمن جي پگهار تي هلي ٿو شهر جي رهائشي رميش ڪمار چيو ته منهنجي ڀيڻويئي ڀيمو مجبوري ۾ هڪ وياج خور کان 10،000 روپيه وياج تي کنيا جيڪي هر مهيني 2000 روپيه جي حصاب سان واپس ڏيڻا هئا  سندس گهر واري بيمار ٿي پئي جنهن ڪري هو 4 مهينه رقم جي قسط نه ڏني جنهن ڪري وياج وڌي 20،000 ٿي ويو جنهن مونکي فون ڪري چيو ته سافڪو مان قرض کڻي ڏيئي ان کي قرض کڻائي ڏنو جنهن وصول ٿيل رقم 10،000 سميت 35000 روپيه ٽوٽل وياج ڀريو ۽ مٿان سافڪو جو قرض اڃان تائين ڀري رهيو آهي ،گوردن چيو ته مون پنهنجي شادي ۾ گهر واري جو 70،000 جو سون ٺهرايو ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجي امڙ بيمار ٿي پئي ۽ مجبوري ۾ سوون وياج تي ڏنو وياج ڏيندڙ سوناري کان سون جي تور ڪرائي جنهن سون تي ٽاڪا ۽ ننگن جو وزن ڪڍي ٽوٽل 40،000 روپئي جو سون ٻڌايو ۽ ان سون تي 30000 روپيه وياج تي ڏنا ويا ۽ ٽن مهينن تائين واپس ڪرڻ جي زبان ورتي وئي وياج جي پهرين قسط ادا ڪيم ۽ پوءِ 4 مهينن تائين رقم نه ڏيئي سگهيس جنهن ڪري وياج ڏيندڙ منهنجو 70،000 جو سون 30،000 عيوض پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ اڄ تائين واپس نه ڪيو جنهن سان مونکي تمام گهڻو نقصان پهتو جيڪو اڄ تائين نه ڀري سگهيو آهيان سنڌ حڪومت، ايس ايس پي مٽياري ،ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ٻين وس وارن کي گهرجي ته ڀٽ شاهه شهر ۾ تيزي سان وڌندڙ وياج جي ڪاروبار تي ڪنٽرول ڪري وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ته جيئن هتان جي عوام جون قيمتي جانيون سندن مال ملڪيتون بچايون وڃن ۽ شهرين ۾ ڇانيل بي چيني ختم ٿي سگهي.     

إرسال تعليق

 
Top