GuidePedia
Latest News

0
German Shoes Company  Work Is Robots Online Sindhi News

برلن (آن لائين سنڌي نيوز) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فيڪٽريون هلائيندڙ جرمنيءَ جي مشهور شوز ڪمپنيءَ فيڪٽرين ۾ روبوٽ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪمپنيءَ موجب جيڪو ڪم انسان ملازم هٿ سان ڪندا هئا، اهو ڪم هاڻي ”سيوبوٽس“ نالي روبوٽ ڪندا، پهريان ايشيا، پوءِ يورپ ۽ آخر ۾ آمريڪا جي فيڪٽرين ۾ روبوٽ رکيا ويندا، ڪمپنيءَ جي انهيءَ اعلان تي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايل او پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فيصلي سان ڪمپنيءَ جي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ 90 سيڪڙو ورڪر متاثر ٿيندا، آءِ ايل او وڌيڪ چيو آهي ته رڳو آسيئان (ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنز) ۾ ايندڙ ملڪن جا 90 لک ماڻهو ٽيڪسٽائيل، گارمينٽس ۽ فوٽ ويئر ڪمپنين ۾ ڪم ڪن ٿا، روبوٽن جي اچڻ سان اهي بيروزگار ٿي ويندا، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا ۽ ڪمبوڊيا ۾ بيروزگاري تمام گهڻي وڌي ويندي، انهن ملڪن کي اڳواٽ ئي ڪو متبادل ڳولڻ گهرجي.

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top