GuidePedia

0
Karachi Celeb 81 Brith Day 81 Mehdi Hassn Online Sindhi NEws

ڪراچي (آن لائين سنڌي نيوز) غزل گائيڪي جي بي تاج بادشاهه مهدي حسن جي اڄ 81 هين سالگرهه ملهائي ويندي، سندس پرستار مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪندا.  شهنشاهه غزل مهدي حسن 18 جولاءِ 1935ع تي پيدا ٿيو، هن کي ڳائڻ جو فن ورثي مليو، سندس ڏاڏي اسماعيل خان جو تعلق موسيقي سان هو. جڏهن ته سندس والد مهاراجه بڙودا جي درٻار ۾ ڳائيندو هو. مهدي حسن پنهنجي گائڪي ذريعي ڏيهه پرڏيهه ۾ وڏي شهرت ماڻي، غزل انتهائي خوبصورت نموني ڳائيندو هو، جنهن ڪري ئي کيس شهنشاهه غزل جو لقب مليو، ناليواري گلوڪاره لتا کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندي رهي آهي،  مهدي حسن ڪيترين ئي فلمن لاءِ گيت ڳايا، هن پهرئين فلم ”شڪار“ ۾ آواز جو جادو جڳايو، گيت جا ٻول ”ميري خيال و خواب ڪي دنيا لئي هوئي ڦر آگيا“ هئا، هن پنهنجا هزارين مداح پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به هن جا غزل ٻڌي کيس ياد ڪندا رهن ٿا، غزل گائيڪي جو هي بي تاج بادشاهه 13 جون 2012ع تي ڪراچي  ۾ وفات ڪري ويو.

إرسال تعليق

 
Top