GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 13 جولائي 2016
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ  ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف تيل ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته اهي سپريم ڪورٽ جي ڏنل هدايتن آڌار پنهنجي منافعي مان طئي ٿيل حصي موجب ضلعي جي مختلف ترقياتي رٿائن تي خرچ ڪرڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته ملازمتن ۾ پڻ مقامي ماڻهن جي ڀرتي کي ترجيح ڏين .هو اڄ پنهنجي آفيس ۾ تيل ۽ گئيس ڳوليندڙ ڪمپنين جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪري رهيو هو. گڏجاڻي ۾ اوجي ڊي سي ايل،پي پي ايل  ۽ يونائيٽيڊ  انرجي آف پاڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر  وڌيڪ چيو ته ضلعي مٽياري ۾ تيل ۽ گئيس ڳوليندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪن ۽ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ جي مد ۾ طئي ٿيل حصي موجب رقم ضلعي ۾ مختلف ترقياتي رٿائن تي خرچ ڪن.ان موقعي تي تيل ڪمپنين جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي سندن پاران هلندڙ مختلف ترقياتي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تيل ڪمپنين جي عملدارن کي چيو ته اهي ضلعي ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن توڙي ڀرتي ڪيل مقامي ماڻهن جا تفصيل کيس پيش ڪن.هن واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته تيل ڪمپنين جي نمائندن سان ويجھو رابطو رکيو وڃي ۽ انهن پاران ٿيندڙ ڪمن جي نگراني ڪئي وڃي.  

إرسال تعليق

 
Top