GuidePedia

0
bhit shah pora shahar mokmal-taor tabah online sindhi news

 تاريخ 2015-07-13  
  ڀٽ شاهه رپورٽ . امتياز احمد ابڙو                                                                                                                               
ضلعي انتظاميه جي نااهلي ته ڏسو ،صوبائي وزير جي حڪمن تي به عمل نه ڪيو ويو آهي نئي آيل ڊپٽي ڪمشنر پرويز احمد بلوچ به ٻوٽو نه ٻاريو، ڀٽ شاهه شهر کي برسات جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو آهي شهر جو ڊرينج نظام تباهه ٿي ويو آهي برساتن ۾ شهر ٻڏڻ جو خطرو آهي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جي ڏنل هدايتن تي عمل نه ڪندڙ آفيسر گهر ڀيڙو نه ٿي سگهيا آهن چوماسي جي امڪاني برساتن ، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ  صفائي سٿرائي،ڊرينج سميت نيڪال جو نظام درست ڪرڻ بابت صوبائي وزير روينيو مخدوم جميل الزمان پاران ٻه ڏينهن اڳ مخدوم هائوس هالا ۾ رٿيل اجلاس ۾ ضلعي جي مڙني آفيسرن کي ڏنل حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو صوبائي وزير جي ضلعي جي بااعلى آفيسرن سان گڏجاڻي دوران ٻن ڏينهن اندر،ڀٽ شاهه،هالا ،مٽياري،سعيدآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڀڳل ٽٽل روڊ رستن،گهٽين، صفائي سٿرائي ۽ ڊرينج سسٽم ۽ نالين جي مرمت جا نظام درست ڪرڻ جو چيو ويو هو ۽ ان تي عمل نه ڪندڙ آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو چيو ويو هو جڏهن ته صوبائي وزير جو 2 ٻن ڏينهن وارو الٽيمٽيم به پورو ٿي ويو آهي پي پي پي حڪومت پاران ڀٽ شاهه شهر کي پئرس بڻائڻ واريون دعوائون اڌوريون رهجي ويون آهن ڀٽ شاهه شهر کي اسڪيمن جي نالي عربين روپين جي بجيٽ ملڻ باوجود شهر جو هڪ به مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي  ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جوڙايل ڀٽ شاهه هن وقت تباهه ٿي ويو آهي اڄ تائين ڊرينج نظام جي مرمت به نه ڪرائي وئي آهي ڀٽ شاهه شهر جو نيڪال وارو نظام ساڳي ريت تباهه  آهي شهر جي حالت کنڊرات بڻجي وئي آهي انتظاميه جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي جي گٽر ،نالن جو گندو پاڻي برسات کان اڳ ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي هر طرف گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن گٽر اٿلڻ سبب  شهر جي دنبوره چوڪ،شاهي بازار،اسپتال روڊ،اسٽيشن روڊ،لطيف ڪالوني،ٻگهيه محله،پير محله،شيخ محله ۽ ٻين جاين تي نالن جو گندو پاڻي تلاءُ جي شڪل ۾ بيٺل آهي شهر جي ٽٽل نالين،ڊرينج ۽ صفائي سٿرائي سميت ڪنهن به ڪم ۾ ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو آهي شهر ۾ ماها ٻوڏ جهڙي صورتحال پئدا ٿيل آهي گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب غريب مسڪين ماڻهن جا گهر ڪرڻ جو خطرو آهي جنهن سان کين تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان پهچندو جنهن سبب شهري تمام گهڻو خوف،ڪاوڙ ۽ حراس ۾ ورتل آهن بجلي جي لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ ڊرينج نظام بحال رکڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ جنريٽر جو به انتظام نه آهي جنهن ڪري بجلي نه هئڻ جي صورت ۾ درينج نظام ٺپ رهي ٿو ان کان علاوه شهر ۾ بدبودار پاڻي ۽ گندگي هئڻ ڪري شهري هيپاٽاٽس بي،سي ،گسٽرو،ٽي بي،چمڙي سميت پيٽ ۽ جسم جي ٻين بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن جڏهن ته  درگاهه ڀٽائي تي ايندڙ زائرين ۽ شهرين کي پڻ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي گٽرن جو پاڻي نيڪال لاءِ لڳل موٽر ۽ ٻئي مشينري ناڪاره بڻجي وئي آهي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ شهر ۾ هنگامي طور برسات جو پاڻي نيڪا ڪرڻ جو اڃان تائين ڪوبه ڪو تحرڪ نه ورتو آهي جڏهن ته ميونسيپل ڪميٽي هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جا عملدار ننڊ سمهي پيا آهن اسسٽنٽ ڪمشنر هالا  ملڪ اڪرام کان شهر جي خراب حالت بابت ڄاڻ وٺڻ تي هن پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو آهي ته اسٽاف ۽ مشينري جي تمام گهڻي کوٽ آهي جڏهن ته ڀٽ شاهه لاءِ الڳ بجيٽ به نه آهي ته پوءِ شهر جي حالت کي ڪيئن سڌاريون اسان کي ڀٽ شاهه لاءِ الڳ بجيٽ ، اسٽاف ۽ نئين مشينري ڏني وڃي ته نيڪال ۽ صفائي وارو ڪم شروع ڪنداسين، شهرين جي ڀٽ شاهه شهر جي خراب صورتحال تي تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي سندن چوڻ آهي ته ڀٽ ڌڻي جي نگري مقدس آهي جتي صفائي سٿرائي جو نالو نشان نه آهي شهر جي حالت رحم جوڳي آهي عام ڏينهن ۾ به پاڻي نيڪال جو انتظام درست نه آهي ته برسات جي وقت انتظامن کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهجي ٿو                                                                                       

إرسال تعليق

 
Top