GuidePedia

0
هالا سنڌو درياءَ تي سيلفي ڪڍندي پير ترڪي وڃڻ سبب ٻه نوجوان ٻڏي فوت
هالا سنڌو درياءَ تي سيلفي ڪڍندي پير ترڪي وڃڻ سبب ٻه نوجوان ٻڏي فوت 

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 10 جولاءَ 2016
سنڌو درياءَ تي سيلفي ڪڍندي پير ترڪي وڃڻ سبب ٻه نوجوان ٻڏي ويا، ضلعي توڙي مقامي انتظاميه ڪافي ڪلاڪن بعد سجاگ،واقعي جي اطلاع تي ايم اين اي جوپي اي ۽سروري جماعت جو اڳواڻ محمد بچل مغل۽مخدوم جميل الزمان جوپي اي گل محمد پنهورسوين ماڻهن سان واقعي واري هنڌ پهتا، مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاشن جي ڳولا جاري،ڇهن ڪلاڪن جي ڳولا بعد هڪ نوجوان جولاش هٿ،ڊاڪٽرن جي تصديق بعد وارثن حوالي،دريا ۾ ٻڏي ويل نوجوانن جي گهرن ۾ قهرام متل، وارثن پاران نيوي جي ٽوٻن جي مدد سان لاشن جي ڳولا جو مطالبو.مخدوم فخرالزمان پاران جا4 حادثي جو دورو۽ انتظاميه کي متاثرخاندانن جي هرقسم جي مدد ڪرڻ ۽ لاش جي ڳولا لاءَ جوڳا انتظام ڪرڻ جون هدايتون،فوتي نوجوان جي وارثن سان هر ڏک ۾ گڏ آهيون.مخدوم فخرالزمان.

خبر موجب سنڌو درياءَ هالا پراڻا ۾ پڪنڪ ملهائڻ لاءَحيدرآباد کان آيل دوست سان گڏ موٽر سائيڪل تي هالا پراڻا بچاءَ بند تي درياءَ جي ڪپرن تي پنهنجا فوٽو ڪڍڻ۽سيلفي ڪڍڻ دوران پير ترڪي وڃڻ سبب هالا جو رهواسي يارهين ڪلاس جوشاگرد 17 سالامظهرحسين عرف عادل ولد حسين ميمڻ ۽ حيدرآباد کان گهمڻ لاءِ آيل سندس 17 سالا دوست آفاق ولد عبدالرزاق پنهور سنڌو درياءَ ۾ ڪري پيا ۽ درياءَ جي تيز لهرن جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته اتي بند تي برف وڪرو ڪندڙ يوسف ملڪ نوجوانن کي ٻڏندو ڏسي انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌو درياءَ جو وهڪرو تيز هئڻ سبب ٻئي نوجوان ڏسندي ئي ڏسندي سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ غائب ٿي ويا، جڏهن ته ساڻس موٽر سائيڪل تي گڏ آيل ٽئي دوست سندس ٻڻ دوستن جي درياءَ ۾ ٻڏجڻ تي بيهوش ٿي پيو جنهن کي اتي موجود ماڻهن وڏي ڪوشش بعد کيس هوش ۾ آندوويو جنهن بعد مذڪوره واقعي جو اطلاع درياءَ ۾ ٻڏي ويل نوجوانن جي رشتيدارن ۽ دوستن کي ڏنو ويو،جڏهن ته مذڪوره واقعي جي خبرتي ايم اين اي مخدوم سعيدالزمان جي پي اي،سروري جماعت هالا جي صدر۽هالا پريس ڪلب جي سرپرست اعلي محمد بچل مغل۽صوبائي وزيرمخدوم جميل الزمان جي پي اي گل محمد پنهورپنهنجي همدردن سان گڏ سنڌو درياءَ تي پهچي ويا جن  هنگامي بنيادن تي ڀاڻوٺ، خانوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان مقامي ٽوٻن کي گهرائي دريا ۾ ٻڏي ويلن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته هالا پراڻه درياءَ ۾ بيٺل تيل ڳوليندڙ ڪمپني جو ٻيڙو ۽ دريا ۾ بيٺل ٻيڙين پڻ دريا ۾ ٻڏل نوجوانن کي ڳولڻ ۾ رڌل آهن، پاڻي جو وهڪرو تيز هئڻ سبب مقامي ٽوٻن کي لاش ڳولڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، واقعي کي ڪافي ٽائيم گذري وڃڻ باوجود ضلعي انتظاميه توڙي هالا جي مقامي اتنظاميه مڪمل طور تي غائب آهي، ٻئي طرف ٻڏي ويل نوجوانن جا وارث مذڪوره واقعي واري هنڌ پنهنجن پيارن جي ملڻ لاءَ بيتاب هوندي هنجون هاري رهيا هئا جنهن سبب اتي موجود سوين ماڻهن جي اکين ۾ پڻ لڙڪ نظراچي رهيا هئا.جيڪي نوجوانن جي ٻڏي فوت ٿيڻ سبب سخت صدمي ۾ آهن جڏهن ته مقامي ٽوٻا خور عنايت ارباب جي ڪوشش رنگ لاهيندي پنجن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد هڪ نوجوان مظهر حسين ميمڻ کي دريا جي پاڻي مان ڪڍي ورتو جنهن کي فوري طورتعلقه اسپتال هالا پهچايو ويوجتي موجود ڊاڪٽرن جي ٽيم مذڪوره نوجوان کي بچائڻ لاءَ سندس پيٽ مان ڪافي پاڻي ڪڍيو مگر ڊاڪٽرن جي ڪيل ڪوشش به ڪم نه ڪيو ۽ دريا ۾ پنج ڪلاڪ گذاريندڙ نوجوان مظهر ميمڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو۽ ڊاڪٽرن جي تصديق بعد فوتي نوجوان جي لاش کي مائٽن حوالي ڪيوويوفوتي جو لاش گهرپهچڻ تي قهرام مچي ويو۽ هر طرف روڄ راڙو ٿي رهيو هوجڏهن ته دريا ۾  ٻڏي ويل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته واقعي کي ڪافي ٽائيم گذري وڃڻ جي باوجود ڪوبه انتظامي عملدار اڃا تائين سندن مدد ڪرڻ لاءِ نه پهتو آهي جڏهن ته ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوانن جي ڳولا تمام گهڻي سستي سان ٿي رهي آهي، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن نوجوانن جي لاشن جي ڳولا لاءِ نيوي جي ٽوٻن کي گهرايو وڃي ته جيئن ٻڏي ويل نوجوانن جي لاشن کي جلد کان جلد ڳولي سگهجي، آخري اطلاعن تائين لاشن جي ڳولا جاري آهي

إرسال تعليق

 
Top