GuidePedia

0
sehwan sharif news photos online sindhi news


سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ ۾ رهواسي کي موت مار ڌمڪين ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو: خادم حسين پنهور سنڌ پريس ڪلب تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻون هنيو: عدالت جي حڪم جي توهين ڪندڙ جوابدار مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن: مون کي جوابدار ڪٿي به قتل ڪري سگهن ٿا نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي: مطالبو:

تفصيل موجب: سيوهڻ شهر جو رهواسي خادم حسين پنهور ڪالهه سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ تي پهچي ويو، ان صحافين آڏو پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته مون 2012ع ۾ فرسٽ سول ڪورٽ دادو ۾ مخالف جوابدارن مٿان قلم PPC-166 تحت SHO/SIP محمد مراد مڱريوPS رڪڻ ضلع دادو سميت ASI خالد حسين لاکير، HCڪليم الله پنهور، فياض پنهور، زاهد لاشاري، دوست محمد ابڙو ۽ مسمات نور بانو پنهور خلاف درخواست جمع ڪرائي هئي، جنهن جو ڪيس 2012-53 آهي، 2015-10-17 تي فرسٽ سول جج دادو اهڙو بيان ورتو جنهن ۾ مخالف ڌر ڏوهي ثابت ٿي چڪي هئي. جنهن کان پوءِ مٿين سمورن جوابدارن تاريخ 2015-11-07 تي منهنجي جعلي صحيح ڪري پاڻ مرادو ڪوڙو رضا نامو ٺاهي فرسٽ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جنهن بعد جوابدار آزاد ٿي ويا آهن ۽ هاڻي کيس موت مار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته  کيس موت رسڻ جو خطرو آهي. هن وس وارن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، ايم آءِ ٽي چيئرمين سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ سيشن جج صاحب دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته مخالفن پاران ڪوڙو رضانامو رد ڪري جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪري کين عدالت جي توهين ڪرڻ تي سزا ڏني وڃي ۽ مخالف جوابدار کيس موت مار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. 

إرسال تعليق

 
Top