14 جولائي 2016
هالا(رپورٽ:عبدالغفورميمڻ)
هالا(رپورٽ:عبدالغفورميمڻ)
سنڌو درياءُ هالا ۾ ٻڏي فوت ٿيل
نينگرعادل عرف مظهر حسين ميمڻ جو ڪلهه ٽيجهو ٿي گذريو، جڏهن ته ساڻس گڏ درياءُ ۾
ڪري ٻڏي ويل سندس دوست ۽ قريبي رشتيدار آفاق احمد پنهور جو ڇهون ڏينهن گذرڻ باوجود
ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو، مقامي ۽ ضلعي انتظاميه نااميد ٿيندي ٽوٻا خورن ۽پنهنجي
عملدارن کي واپس گهرائي ورتو، انتظاميه جي اهڙي عمل تي متاثر خاندانن پاران ڏک جو
اظهار انتظاميه جي خلاف احتجاج، بچاءُ بند تي لڳايل ڪئمپ تي آفاق احمد پنهور جي
وارثن پاران قرآن خواني سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا، منهنجو سڀ ڪجهه وٺي ڇڏيو مون
کي پنهنجو لخت جگر واپس ورائي ڏيو، نيوي جي ٽوٻا خورن تي جيڪي به خرچ ٿيندو آئون
ڀرڻ لاءِ تيار آهيان، ٻڏي ويل نينگر جي ماءُ ۽ وارثن جو صحافين اڳيان دانهون،وارثن
جي احتجاج تي ضلعي انتظاميه نيوي ٽوٻا خورن کي ٻيهرگهرائي ورتو.
خبر موجب هالا پراڻه سنڌودرياءَ ۾ ڪري ٻڏي ويل نينگر
عادل عرف مظهرميمڻ جي ٽيجهي جي رسم زوارامام بارگاه هالا ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾
هالا شهر سان تعلق رکندڙمختلف سياسي،سماجي،صحافي۽ شهرين تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
دعا جي آخري رسمن ۾ مولوي دوست علي سعيدي فوتي نوجوان جي جواررحمت لاءَ خصوصي
دعاگهري.جڏهن ته ٻئي طرف درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر آفاق احمد پنهورجي پنج ڏينهن گذرڻ
جي باوجود انجو ڪوبه پتونه پئجي سگهيوآهي جڏهن ته مقامي ۽ضلعي انتظاميه پاران
مسلسل چارڏينهن ڏينهن ڳولا ڪرڻ بعد هالا پراڻه بچاءَ بند تي قائم ڪيل سرڪاري ڪٿمپ
تان وڃڻ بعد مقامي ٽوٻا خورن سميت سموراسرڪاري عملدارجاءَ واقع تان غائب ٿي ويا جڏهن ته ضلعي
انتظاميه جي اهڙي عمل تي مظهرميمڻ جي ٽيجهي جي رسم ختم ڪرڻ بعد ٻنهي خاندانن جي
متاثر ماڻهن جن ۾ عورتن جي هڪ وڏي انگ پڻ قرآن پاڪ ساڻ ڪندي هالا پراڻه جاءُ واقعي
تي موجود خالي ڪعمپ ۽ درياءَ جي ڪپ تي ويهي دريا ۾ ٻڏي ويل نوجوان آفاق پنهور جي
فوري ٻاهر نڪرڻ لاءَ قرآن شريف ۽ درود پاڪ جو ورد ڪندي رب کي ٻاناهنيو.جڏهن ته ان
موقعي تي پنهنجي جگر کي ياد ڪندي آفاق جي ماءُ کي پٽ جي ياد ايندي وقتن به وقتن
بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.جاءَ واقع تي موجود آفاق پنهور جي وارثن جن ۾
ماءَ،نانو،ڀيڻن ۽ ڀائرن مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ضلعي انتظاميه کي مخاطب ٿيندي
ڇيو ته اهي پاڪ نيوي جي ٽوٻا خورنکي گهرائين ۽انهن جو جيڪو به خرچ وعيره ٿيندو اهو
هو ڏيڻ لاءَ تيار آهن ۽کين به جيترو به پيسو گهرجي هو ڏيڻ لاءَ تيارآهن مگر صرف هو
سندن لال آفاق کي دريا مان ٻاهر ڪڌي سندن حوالي ڪن.هنن چيو ته ضلعي انتظاميه سندن
چارڏينهن مڪمل مدد ڪئي مگر سندن ٻئي نينگر جي ملڻ بغير مذڪوره هنڌتان پنهنجي ڪئمپ
ختم ڪرڻ واري عمل تي سخت صدمورسيو آهي.جڏهن ته ٻئي طرف ڊي سي مٽياري پرويز احمد
بلوچ متاثرخاندانن ۽ شهرين جي پاران ڪيل احتجاج جو فوري نوٽيس وٺندي پاڪ نيوي جي
اعلي اختيارين سان رابطوڪندي کين سندن ٽيم ٻيهر هالا پراڻه اماڻڻ لاءَ چيوجنهن تي
پاڪ نيوي جي 6 رڪني ٽوٻا خورٽيم صبح جو سوير ٻيهر هالا پراڻه بچاءَ بند تي پهتا ۽
انهن دريا ۾ ٻڏيل نوجوان آفاق احمد پنهورجي ٻيهر تلاش شروع ڪري ڏني آهي مگر راتجو
دير تائين مذڪوره نوجوان جو ڪوبه پتونه پئجي سگهيو،جڏهن ته هالا انتظاميه جي اڳواڻ
اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ،مختيارڪارهالا چاوڙو،ايس ايڇ او هالا پراڻه
ايازبلوچ،ڪائونسلرهالا پراڻه شهاب الدين ارباب،ماستر شهاب ميمڻ،سميت پ پ ،مسلم ليگ
فنڪشنل،ميمڻ اتحاد اڳواڻ جن پڻ مذڪوره جاءَ واقعي تي موجود هئا. جڏهن ته درياءَ ۾
ٻڏي ويل نينگر جي وارثن صدرپاڪستان،وزيراعظم،چيف آف آرمي اسٽاف کان سندن مدد طلب
ڪندي درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر آفاق کي فوري ٻاهر ڪڌڻ جو مطالبو ڪيو آهي
إرسال تعليق