GuidePedia

0
Hala=Setion Jughage Hala Adalat Ka Visit Kerty.

 14 جولائي 2016
هالا(رپورٽ:عبدالغفورميمڻ) 

 .ڊسٽرڪٽ سيشن مٽياري احمد لقمان ميمڻ سول ڪورٽ هالا جو دورو ڪيو ان  موقعي تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج عبدالوهاب تنيو سول ڪورٽ هالا ۾ ڪورٽ جي بلنڊنگ جي هلندڙڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ڪورٽ جي معاملن کان آگاه ڪيو جنهن بعد سيشن جج بلڊنگ جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ تعقلي بار هالا جي ڪمري ايڪٽينشن ۽ ٻين سهولتن جو پڻ جائزو ورتو جڏهن ته ڪورٽ ۾ حاضري تي ايندڙ عام ماڻهن جي ويهڻ لاءِ شيلٽر تعمير ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏنيون ان کان پوءِ عوام لاءِ ٿڌي پاڻي پيئڻ لاءِ لڳل واٽر ڪولر جو پڻ ربن ڪاٽي افتتاح ڪيو.جنهن کان پوءِ تعلقي بار هالا پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي بار جي صدر خداڏنو صدر سنڌ جي سوکڙي سنڌي ٽوپي سيشن جج احمد لقمان ميمڻ کي پارائي ۽ بار جي سيڪريٽري قربان علي ڀٽو ايڊيشنل سيشن جج عبدالوهاب تنيو کي اجرڪ پارائي ان موقعي تي سيشن جج احمد لقمان ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته توهان وڪيلن جي مسئلن کي جلد از جلد حل ڪيو ويندو جن ۾ بار روم جي ايڪسٽينشن، لائبرري لاءِ ڪتاب ۽ اهم بنيادي سهولتن جي فراهمي جلد از جلد ڪئي ويندي ۽ وڪيلن لاءِ ڪينٽين کي شروع ڪرڻ لاءِ پڻ هدايت ڪئي.ان موقعي تي مٽياري ضلعي جي بار جي نائب صدربادل ڳاهوٽي هالا بار جي جنرل سيڪريٽري قربان علي ڀٽو،سينئر وڪيل نياز علي ڀٽو، انوارالحق ميمڻ پڻ خطاب ڪيو ان موقعي سينيئر سول جج هالا يونس ملڪ سول جج هالا، شميم قادر سهتو سينيئر وڪيل بشير ابڙو، عالم بروهي، امداد علي ميمڻ، تنوير ميمڻ، محرم علي ابڙو ۽ ٻيا وڪيل پڻ موجود هئا

إرسال تعليق

 
Top