GuidePedia

0
Hala=Curant Lagny Sy Fote Hony Wali Khatoon

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)12جولاءَ2016
هالا لڳ ڳوٺ وي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻن ٻارن جي ماءُ فوت،فوتي عورت جي ماءَ پاران سندن گهرمٿان بجلي چوري ڪندڙن تي الزام،فوتي جي پيءُ ۽ ڀاءُ پوليس کي اتفاقي واقعو جوبيان لکي ڏنو.

خبرموجب هالا ٿاڻي سامهون واقع ڳوٺ وي ۾ لوهي شيخ تي ڪپڙا سڪائڻ لاءَ رکندڙ 30 سالن جي ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات خيربانوزال رسول بخش ماڇي مذڪوره تار سان بجلي جي تارٽڪرائجڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ تي مذڪوره عورت اتي ئي دم ڏنومذڪوره واقعي تي ڪرنٽ وگهي فوت ٿيل عورت جي ماءُ لالي ماڇي هالاٿاڻي پهچي سندس ڌيء جي مرجڻ جواطلاع ڪيوجنهن تي هالا ٿاڻي تي موجود وڏي منشي عثمان سهتو پنهنجي عملي سان مذڪوره عورت سان گڏ جاءَ واقعي تي وٺي آئي جتي پوليس ايمبولنس ۾ پيل لاش جو معائنوڪيو.جڏهن ته اتي موجود فوتي عورت جي پيءُ۽ ڀائرن سميت ٻين رشتيدارن فوتي عورت جوڪو به ڪيس وغيره داخل نه ڪرائڻ تي فوتڻ جي لاش کي ايمبولنس مان لاهي گهر واپس کڻائي ويا ۽ فوتي عورت جي پيءُ ڏنو ماڇي ۽ وڏي ڀاءُ نديم ماڇي هالا پوليس کي مذڪوره واقعو اتفاقي هجڻ جو لکي ڏنو۽ ڪنهن جي به خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪرائي جڏهن ته فوتي عورت جي ماءُ سندس نياڻي جي مارجڻ جو ڪارڻ سندن گهرن مٿان چوري لائٽ ڇڪيندڙ۽انهن جي تارسندن گهر۾ ڪپڙا سڪڻ جي لڳل لوهي تار سان ٽڪرائجڻ سب ٿي آهي.هن چيو ته هن ڪافي دفعه مذڪوره تار سندن گهرن مٿان هٽائڻ جو پڻ چيو هوجيڪا نه هٽائي ويئي ۽ اڄ اهو واقعو پيش آيوآهي. 

إرسال تعليق

 
Top