GuidePedia
Latest News

0
Hala=Jeet Mar Dawaie Peeny K Bad Behosh Larky

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 12جولاءَ2016

هالالڳ ڳوٺ منصوره جي رهندڙ لاکا برادري جي ٻن نوجوانن جن ۾هرهڪ 22 سالاگل حسن ولدعلي خان لاکو۽ 24 سالا غلام علي ولد ويڌو لاکو زرعي زمين ۾ پيل جيت مار دوا پي ڇڏي جڏهن ته اتان گذرندڙ ڳوٺاڻن پاران انهن ٻنهي نوجوانن کي زمين تي بيهوشي جي حالت ۾ڏسندي ڳوٺاڻن کي فوري طورنازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال هالاپهچايو جتي ڊيوٽي تي موجودڊاڪٽرسميع الله ڪاڪا ۽ ٻين جيت ماردوا پيتل ٻنهي نوجوانن کي فوري طورتي علاج ڪندي کين هڪ ڪلاڪ جي مسلسل جدوجهد بعد انهن کي هوش ۾ آندوجنهن بعد جيت ماردوا پيتل نوجوانن کي وڌيڪ علاج لاءَ سولاسپتال حيدرآباد روانو ڪيوويو.اسپتال پهتل ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ رمصان شريف کان جيت ماردوا پيئڻ جا واقعه وقتن ب وقتن ٿيندا اچن جنهن سبب هڪ نوجوان پڻ فوت ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي جوانن جون زندگيون بچايون ويون آهن.مذڪوره واقعن جا ڪنهن به ٿاڻي تي رپورٽ درج ناهي ڪئي ويئي.

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top