GuidePedia

0
Hala=Khud Kashi Kerny wala A,Satar Machi & Wife & Bachy   Hospital M Mojod.

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)11جولائي 2016
ٻارن جي ڳالهه تان زال مڙس ۾ ناراضگي،مڙس گارڊر ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جوڏيئو اجهائي ڇڏيو،سندس گهرواري پنهنجن ٽن معصوم ٻارن سان مڙس جي لاش مٿان اوڇگارون ڏيئي روئيندي رهي.ڊاڪٽرن جي ڪاروائي بعد لاش گهرواري جي حوالي.
خبر موجب هالا پراڻه ٿاڻي جي حد ۾ واقعي ڳوٺ منو ماڇي ۾ رهندڙ ۽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙعبدالستارپٽ محمد رحيم ماڇي جو پنهنجي گهرواري سان ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل معمولي جهيڙي بعد زال ۾ مڙس ۾ ناراضگي تي 36 سالا نوجوان هڪ پٽ ۽ ٻن معصوم ڌيئرن جي پيءُ پنهنجي گهر۾ لڳل گارڊر۾ رسو ٻڌي راتجو ديرسان خود ڪشي ڪري ڇڏي.گهرواري جي واپس گهر ورڻ تي ان پاران پنهنجي مڙس کي لٽڪيل ڏسندي دانهون ڪيون جنهن تي ڳوٺ ۾ موجود ماڻهن مذڪوره واقعي جو هالاپراڻه ۽ هالا ٿاڻي جي آفيسرن کي اطلاع ڪيو جنهن تي مذڪوره ٿاڻن جا ايس ايڇ اووز پهچي ڪاروائي ڪندي لٽڪيل لاش کي لاهيندي انکي پوسٽ مارٽم لاءَ تعلقه اسپتال هالا پهچايوجتي سندس گهرواري نالي گل پري ۽ سندس اولاد جن ۾ 8 سالا نياڻي آست،6 سالا رشيد خاتون۽ 4 سالا معصوم نينگر آصف علي لاش کي چنبڙندي زاروقطارروئيندا رهيا جڏهن ته فوتي جي گهرواري پنهنجي مڙس کي وڌيڪ اذيت نه ڏيڻ لاءَ منٿون ڪندي رهي جنهن تي مذڪوره فوتي جي لاش کي بغير پوسٽ مارٽم جي ۽ ڊاڪٽري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙنوجوان عبدالستارماڇي جولاش سندس گهرواري حوالي ڪيو ويو.۽ هالا پراڻه ٿاڻي تي سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو.

إرسال تعليق

 
Top