GuidePedia

0
Hala=MNA Matiari Makhdom Saeed Zaman Hala Old Derya Jai   Waqiaa P Afsran Sy Tafsil Lety,Navy K Ghutta Khoor Gum Nojawan Ki Talash   Kerty& Gum Nojawan Aafaque Ki Pic.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)11جولائي 2016

هالا پراڻه بچاءَ بند وٽ سيلفي فوٽو ڪڍندي درياءَ ۾ڪري ويل ٻن دوستن مان هڪ نوجوان مظهرحسين ميمڻ جي لاش هٿ اچڻ بعد فوتي نينگر جي ميت کي سوين آلين اکين سان هالا جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويوفوت نينگرجي جنازي نمازدرگاهه سرورنوح ۾ ادا ڪئي ويئي،جڏهن ته ٻئي طرف دريا ۾ ٻڏي ويل 16 سالا نوجوان آفاق احمد پنهور جي درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر کي 40 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود انجو ڪو به پتو نه پئجي سگهيوآهي جڏهن ته نينگر جي دريا4 ۾ ڳولالاءَپاڪ نيوي جي 6 رڪني ٽيم جنهن جي اڳواڻي ليفٽيننٽ ڪمانڊر عبدالستار،ايم الياس،نسيم،ديدار،شير محمد جن گذريل ڏينهن کان مسلسل جدو جهد ڪندي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا ڪئي مگر تنهن جي باوجود به ٻڏي ويل نينگر جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي،جڏهن ته ٻئي طرف ايم اين اي مٽياري مخدوم سعيدالزمان جاءَ واقعي تي پهچي بند تي متاثرخاندان پاران لڳايل ڪئمپ تي ويٺل ماڻهن سان ملاقات ڪندي ضلعي مٽياري جي انتظاميه کي سخت هدايت ڪندي درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر آفاق پنهورکي جلد کان جلد ٻاهر ڪڍڻ جا انتظام ڪرڻ جون سخت هدايتون ڪيون ان موقعي تي ساڻس گڏ هالا پريس ڪلب جوسرپرست اعلي محمد بچل مغل،مخدوم جميل الزمان جو پي اي گل محمد پنهور،مخدوم رفيق الزمان جو پي اي زوارفقير حسين علي جعفري،حاجي عبدالغفور ابڙيجو،سيد محمد علي شاه،وسيم ڇڇر،محمد انور ميمڻ،۽ سروري جماعت جي ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ پڻ ساڻن گڏ هئا،ان موقعي تي ايم اين اي مٽياري۽ سروري جماعت جي چيئرمن مخدوم سعيدالزمان درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل مظهرحسين ميمڻ جي وفات تي سندس روح جي ايثال ثواب ۽ درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر آفاق احمد پنهورجي درياءَ مان جلد نڪرڻ لاءَ خصوصي دعاءَ پڻ گهري. 

إرسال تعليق

 
Top