GuidePedia

0
هالاپراڻه سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل نوجوان آفاق احمد پنهورجي يارهن ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڪو پتو نه پيو

19جولائي2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالاپراڻه سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل نوجوان آفاق احمد پنهورجي درياءَ ۾ ڪري گم ٿي وڃڻ جي واقعي کي يارهن ڏينهن گذرڻ جي باوجود به مذڪوره نوجوان جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي جڏهن ته مقامي ۽ ضلعي انتظاميه جاءَ واقع هالا پراڻه بچاءَ بند تي درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر جي ڳولالاءَ قائم ڪيل ڪئمپ ۽ اتي موجود مختلف کاتن جي مقرر ڪيل سرڪاري عملدارن کي پڻ مذڪوره جاءَ واقعي تان هٽايو ويوجنهن به متاثرخاندان جي امڙ سميت ٻين رشتيدارن سنڌو درياءَ هالا پراڻه بچاءَ بند تي کلي آسمان هيٺ ويهندي رب پاڪ کان ٻاجهائڻ جو عمل ڪندي آفاق احمد پنهور جي درياء مان نڪرڻ لاءَ دعائون گهريون پيون وڃن.جڏهن ته ٻئي طرف درياءَ ۾ ٻڏي ويل نوجوان جي رشتيدارعبدالله ميمڻ،حسين بخش ميمڻ ۽ ٻين آن لائين سنڌي نيوز_سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سندن نينگر آفاق احمد جي درياءَ ۾ ٻڏي وڃڻ جي واقعي تي شروع جي ڏهاڙن ۾ ته ضلعي ۽ مقامي انتظاميه سميت ڪجهه سياسي پارٽين جي ماڻهن سندن مدد ڪئي مگر واقعي جي پنجن ڏينهن بعد سندن ڪابه واهر نه ڪري رهيا آهن هنن ٻڌايو ڊي سي مٽياري سان ملاقات ڪرڻ دوران کانئس مدد گهرڻ تي ان کين صاف انڪار ڪندي چيو ته کيس جيڪا مدد ڪرڻي هئي سا ڪئي هاڻي هاڻي هو پنهنجي مددپاڻ ڪن،متاثر خاندان جي ماڻهن ڊي سي جي اهڙي جواب ملڻ تي هنن ضلعي مٽياري جي مختلف سياسي،سماجي،بااثرشخصيتن سان ملاقاتون ڪندي سندن مدد ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ سان گڏوگڏ هنن سپريم ڪورٽ،صدر،وزيراعظم،چيف آف آرمي اسٽاف،ڪورڪمانڊر،ڊي جي پاڪ رينجرس،آءَ جي سنڌ پوليس،ڪمشنر حيدرآباد کي درخواستون اماڻي کين سندن هالا پراڻه سنڌو درياءَ ۾ ڪري ٻڏي ويل معصوم نينگر آفاق احمد پنهور کي ڪڍائڻ جي اپيل ڪئي آهي.جڏهن ته مذڪوره تي مذڪوره نينگر جي گهر ۾ قهرام جهڙي حالت نظراچي رهي آهي سندس ماءَ سميت ٻين رشتيدارن کي وقتن به وقت بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

إرسال تعليق

 
Top