GuidePedia

0
سيوهڻ ۾ تعلقه اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شهري بک هڙتال ٿي ويٺل

19جولائي2016
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ جي تعلقه اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ٻئي ڏينهن به بک هڙتال جاري: ڊاڪٽرن کوٽ ۽ ٽراما سينٽر تي عملو مقرر ناهي جنهن ڪري مريض پريشان آهن: اڳواڻن جو خطاب

خبر موجب سيوهڻ شريف جي تعلقه اسپتال جيڪا هن مهل سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينس جو درجو ماڻي هڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿي ان ۾ سهولتون نه هجڻ ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف شهرين ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمين جي اڳواڻن ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري سيوهڻ جي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن سان گڏ معزز شهرين اڳواڻ ايڊووڪيٽ بشير احمد اوٺو، سيٺ محمد صفر منڱڻهار، مرتضيٰ ملاح، عارف حسين ميمڻ، مريد خان بروهي، شاهد هاليپوٽو، مير حاجن مير، رستم ڀٽ، آزاد منصور چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مين گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي. اڳواڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته تعلقه اسپتال ڪروڙين روپين جي بجيٽون ۽ اسپيشل گرانٽون هجڻ باوجود ڪنهن قبرستان وانگر لڳي پئي آهي جتي مريضن کي شفا بجاءِ بيماري نصيب ٿئي ٿي. هنن اعلان ڪيو آهي ته هي بک هڙتال ايسيتائين جاري رهندي جيسيتائين ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري نه ٿيندي ۽ ٽراما سينٽر تي تجربيگار عملو مقرر نه ٿيندو. هنن حڪومت سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

إرسال تعليق

 
Top