24 جولائي
2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالاجي سومرا برادري جي جهيڙي جو
نبيرو نه ٿي سگهيو،هالا پوليس پٽي ڀائي ڌر جي ونگاروهندي ٻن ڀائرن کي بيڪري تان
کڻندي ٿاڻي تي ويهاري کانئن زبردستي پنهنجو فيصلو مڃرائي لکت ڪرائي ورتي.مخدوم فصل
ڌرجي فريادي زخمين جي ڪابه واهرنه ٿيڻ تي انهن پاران حملو ڪندڙن خلاف عورتن ۽ ٻارن
سان احتجاج.انصاف نه ملڻ ايس ايس پي آڏواحتجاج۽ عدالت جو درکڙڪائڻ جو اعلان.
خبر موجب هالا جي سومرا محلا ۾ رهندڙ هڪ ئي خاندان جي ٽن
ڌرين ۾ گهٽيءَ۽ ديوار جي اڏڻ تان ڪافي عرصي کان هلندڙ تڪرارجهيڙي ۾ تبديل ٿيڻ ۽
ٽنهي ڌرين جي 15 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ بعد ٻن ڌرين پاران هالا ٿاڻي تي هڪٻئي جي ماڻهن
خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد هالا پوليس هڪ ڌر ۾ پنهنجي پٽي ڀائي حسين
سومروجي هجڻ تي انهن جي ونگار وهندي شهر ۾ موجود بيڪري تي ڪم ڪندڙ ٻن ڀائرن جھن ۾ ميرو۽
روشن علي عرف پپو سومروکي پڪڙي ٿاڻي تي ويهاري انهن کان پٽي ڀائي جي چوڻ تي
زبردستي گهٽي ۾ ديوارڏيڻ جي لکت ڪرائي کين آزاد ڪري چڏيو.جڏهن ته ٻئي طرف مذڪوره
جهيڙي ۾ زخمي ٿيل سڌيرسومرو جي ڌرجي اڳواڻ سڌيرسومري ٻڌايو ته پوليس
اهلڪارحسين،احمد،شوڪت سومري۽انهن جي پٽن جي پاران حملو ڪري سندن زخمي ٿيل گهرڀاتي
جن ۾ ٽي عورتون حميده،فرزانه،مومل سميت مقبول،محمد نواز۽ محمد بچل سومروجيڪي
حيدرآباد زيرعلاج آهن جن جو هالا پوليس ڪو به ازالو نه ڪندي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن
هرهڪ پوليس اهلڪار حسين سومرو،احمد سومرو۽شوڪت سومرو خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي
آهي۽ اهي حملي آور کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءَ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن
هن مقامي صحافين آڏو دانهين چيو ته مٿس ۽ سندس گهرڀاتين تي حملو ڪندي شديد زخمي
ڪندڙجوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءَ هن هالاٿاڻي جا ڪيترائي چڪر ڪاٽيا آهن مگر
هالا پوليس مذڪوره جوابدارڌر جي ساٿاري بڻجندي انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي
آهي هن چيو ته ساڻس سياسي انتقامي ڪاروائي ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجوفيصلو
هالا هائوس جي اڳواڻ مخدوم فضل وٽ رکرايو هو ۽ انهي جي ڪري ئي هالا پوليس مخلافن
جي چرچ تي مٿڻ حملو ڪندڙ جوابدارڌر خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري ان موقعي تي
سدهير سومرو پنهنجي گهرڀاتين جن ۾ عورتن،ٻارن سان گڏ پنهنجي محلي ۾ احتجاج ڪندي
انهن سندن گهرن تي هملو ڪندي عورتن ۽مردن کي زخمي ڪندڙجوابدارن پوليس
اهلڪارحسين،احمد ۽ شوڪت سومري جي گرفتاري لاءَ نعريبازي ڪندي هنن چيو ته هالا
پوليس ساڻن ڪوبه انصاف نه ڪيو ته هو سڀاڻي پنهنجن ٻارن سان گڏ ايس ايس پي آڏو
احتجاج ڪيو ويندو۽ انصاف لاءَ عدالت جو در کڙڪائيندا.
إرسال تعليق