22جولائي2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
ملڪ ۾ شيعه جي قتل عام خلاف مجلس وحدت المسلمين جي
مرڪزي اڳواڻ علامه راجه عباس جعفري جي پاران ملڪ ڀر۾ اعلانيل احتجاج ۽ نيشنل هاءَ
ويز تي ڌرڻي جي اعلان تي ضلعي مٽياري ۾ پڻ ايم ڊبليو ايم جي پاران هالا،ڀٽ
شاهه،اڏيرولعل،نيو سعيدآباد۽ مٽياري ۾ پڻ جمعي نماز بعد الڳ الڳ احتجاجي جلوس ڪڍيا
ويا.ان سلسلي ۾ هالا ۾ مرڪزي شيعه امام بارگاهه هالا مان ايم ڊبليو ايم سنڌ جي
سيڪريٽري جنرل مولوي دوست علي سعيدي،مولوي اختر علي خانوٺي،مولوي اعجاز شريعتي،مولوي
فهيم حسين،زوارالهه بچايو چانڊيو،زوار ولي محمد ميمڻ،زوار غلام اڪبر ميمڻ،سيد فدا
حسين شاه،عابدعلي ميمڻ،سيد فهيم شاهه،ساجد ارباب،سميراحمد سومرو،حميرعلي ميمڻ،جي
اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيوويوجلوس ۾ شريڪ سوين مومن مردن سان گڏ عورتن پڻ تمام
وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مذڪوره احتجاجي جلوس شهر جي مختلف روڊن جن ۾ طارق روڊ،مارڪيٽ
چوڪ،درگاهه روڊ،مخدوم هائوس،گلسن هوٽل،ڪاليج روڊ،باب النوح گيٽ کان ٿيندا هالا
باءَ پاس روڊ تي پهتا ان موقعي احتجاج ۾ شريڪ مظاهرين جي هٿن ۾ وڏا پلي ڪارڊ،بينر۽
پوٽريٽ هٿن ۾ کنيل هئا جن تي حڪومت مخالف ۽ شيعه برادري کي تحفظ ۽ انهن جي قتل
۾ملوث جوابدار گرفتار ڪريو جا نعره لکيل هئا.ان موقعي مظاهرين نيشنل هاءَ وي تي
رڪاوٽون وجهندي ڪراچي کان اسلام آباد ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ۽ روڊ تي
احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ايم ڊبليوايم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو
پنهنجي قائد علامه راجه ناصر عباس جعفري جي هر حڪم تي لبيڪ ڪندي انجي ڏنل هر سڏ تي
عمل ڪندا۽ ڌرڻي ختم به انجي چوڻ تي ڪيو ويندو
إرسال تعليق