GuidePedia

0
Kashmir Indain Army Kill 2 Other Kashmiri News  Online Sindhi News

 والاريل ڪشمير(آن لائين سنڌي نيوز) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ شهيد ٿيندڙ ڪشميرين جو انگ 45 ٿي ويو آهي، خانگي چئنل موجب ڪشميري ڪمانڊر برهان مظفر واني جي عدالتن کان مٿانهين قتل کانپوءِ شروع ڪيل تحريڪ خلاف ڀارتي فوج جون ڪارروايون جاري آهن، ڀارتي فوجين ڪپواڙه ضلعي جي علائقي هٿموله ۾ پرامن مظاهرين تي فائرنگ سبب شوڪت احمد ملڪ شهيد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 45 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ڪشميري زخمي ٿيڻ کانپوءِ اسپتالن ۾ داخل آهن، ٻئي پاسي ڪشميرين جي آواز کي دٻِائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون وڌيڪ 20 ڪمپنيون والاريل ڪشمير ۾ اماڻيون ويون آهن، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڪالهه نائين ڏينهن به ڪرفيو جاري رهيو، جنهن سبب ڪاروهنوار ٺپ رهيو، علائقي ۾ کاڌي جي کوٽ سبب رهواسي سخت پريشان آهن، تعليمي ادارا ۽ ٽرانسپورٽ بند آهي، پاڪستاني چئنلز جي نشريات به بند آهي، والاريل ڪشمير ۾ پابندين سبب ٻئي ڏينهن به اخبارون شايع نه ٿي سگهيون، ٻئي پاسي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کي ڀارتي فوج جي ظلم کان آگاهه ڪيو پيو وڃي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي به عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ کنيو پيو وڃي، ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد آهي، ڀارتي ظلم باوجود ڪشميري عوام آزادي واري تحريڪ جاري رکي آهي ۽ پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ پرعزم آهن، ڀارتي جارحيت ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حاصل ڪرڻ جي جائز ڪوشش کي دٻائڻ جي ناڪام ۽ غيرقانوني ڪوشش آهي، ٻئي پاسي لنڊن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن سامهون ڪشميرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪشمير اڳواڻ شوڪت مقبول بٽ به شرڪت ڪئي، هنن ڀارتي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي ڪشمير ميڊيا موجب آمريڪا جي مشهور فلاسافر نوم چومسڪي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عوام تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجي فوج ڪڍي.

إرسال تعليق

 
Top