GuidePedia

0
Pakistan Celeb Win England Third Test Match  Online Sindhi News

لنڊن (آن لائين سنڌي نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 20 سالن کانپوءِ لارڊز ٽيسٽ ۾ تاريخي فتح ماڻي ڪرڪيٽ جي گهر انگلينڊ ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي ورتو آهي، رات دير سان قومي ٽيم انگلينڊ کي 75 رنسن تان شڪست ڏئي 4 ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي، ڪپتان مصباح الحق پهرين اننگ ۾ سينچري هڻي فتح جو بنياد وڌو، جڏهن ته کلڻي جادوگر اسپنر به ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪالهه ميچ جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 283 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ راند شروع ڪئي ته وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون، ڏهاڙي جي آخري اوورن ۾ ميچ جو نتيجو نڪري آيو، انگلينڊ جي پوري ٽيم 207 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ونس بيلنس ۽ بيرسٽو مزاحمتي بيٽنگ ڪندي ترتيبوار 42، 43 ۽ 48 رنسون ٺاهيون پر قومي ٽيم جي بالنگ آڏو گهڻو وقت بيهي نه سگهيا، ڪپتان ايلسٽر ڪڪ 8، هيلز 16، روٽ 9، معين علي 2، ووڪس 23، براڊ هڪ ۽ بال 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ياسر شاهه پهرين اننگ جيان شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت هن لارڊز ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز پڻ ماڻي ورتو، هن پهرين اننگ ۾ پڻ 6 وڪيٽون ورتيون هيون، ٽيسٽ ميچ ۾ مجموعي طور عامر 3، راحت علي 4 ۽ وهاب رياض 2 وڪيٽون ورتيون، راحت علي اهم بيٽسمين پويلين اماڻي ٽيم کي بريڪ ٿرو ڏيندو رهيو، هن ڪوڪ، هيلز ۽ روٽ کي واپس اماڻيو، باقي تڏا ويڙهه ياسر شاهه ڪئي، قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ميچ جي پهرين اننگ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندي 114 رنسون ٺاهيون، ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ياسر شاهه کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ڪالهوڪي فتح قومي ٽيم جي لارڊز جي گرائونڊ تي 20 سالن کانپوءِ پهرين فتح هئي، هن کان اڳ آخري ڀيرو پاڪستان لارڊز ۾ 1996ع ۾ فتح ماڻي هئي.

إرسال تعليق

 
Top