GuidePedia

0
Pak Vs Eng Match Series Start News Online Sindhi News

لارڊز (آن لائين سنڌي نيوز) انتظار جون گهڙيون ختم، پاڪستان ۽ انگلينڊ 6 سالن بعد اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون، لارڊز ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي، اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا يافتا پاڪستاني فاسٽ بالر به اڄ ميدان ۾ لهندو،
رپورٽ موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اڄ مهاڏو اٽڪائيندا، لارڊز ۾ ٿيندڙ سيريز جي پهرين ميچ پاڪستاني وقت مطابق منجهند 3 وڳي شروع ٿيندي، ميچ جي تياري لاءِ ٻنهي ٽيمن ڪالهه به ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو، پاڪستاني رانديگرن ڪوچز جي نگراني ۾ پريڪٽس ڪرڻ سان گڏوگڏ  ميچ لاءِ حڪمت عملي پڻ جوڙي، ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سيريز جي ٽرافي جي نمائش پڻ ڪئي، قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته محمد حفيظ، شان مسعود، اظهر علي، يونس خان، مصباح الحق، اسد شفيق، سرفراز احمد، راحت علي، عمران خان جونيئر، محمد عامر، ياسر شاهه ۽ وهاب رياض حتمي اسڪواڊ جو حصو هوندا، ٻئي پاسي انگلش ٽيم ڪپتان ايلسٽرڪڪ، هيلز، جوئي روٽ، گيري بيلنس، جيمز ونس، جوني بئرسٽو، معين علي، ڪرس ووڪس، اسٽورٽ براڊ، جيڪ بال، اسٽيون فن ۽ ٽوبي رولينڊ تي مشتمل آهي، پاڪستاني ٽيم ميچ ۾ فتح لاءِ پريڪٽس سيشن ۾ سخت محنت ڪئي ۽ مخالف ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگي تي پڻ غور ڪيو، قومي رانديگرن ڪاميابي لاءِ عزم ظاهر ڪيو آهي، ياد رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ان کان اڳ 2010ع ۾ ان گرائونڊ تي انگلينڊ خلاف ميچ کيڏي هئي                                                                                                                                                                                       

إرسال تعليق

 
Top