GuidePedia

0
action movie con air je bare mein kuch malomat

سڄيءَ دنيا ۾ پيش ٿيل امريڪي ائڪشن فلم ’ڪان ايئر‘، جيري بَرَڪ هيمر پاران 6جون 1997ع تي پيش ڪئي وئي، جيڪو فلم ’دي راڪ‘ جو به پيشڪار رهيو. فلم جي هدايتڪاري سائمن ويسٽ جي ذمي هئي، جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي اسڪارٽ روزن برگ لکي. جيل مان فرار جي موضوع تي ٺهندڙ هن فلم ۾ نڪولس ڪيج، جان ڪيوساڪ، جان مالڪووچ، ونگ ريمز، ڊيني ٽريجو، راشيل ٽيڪوٽِن ۽ ٻين اداڪاري ڪئي. 

فلم جي موسيقي مارڪ مانسينا ۽ ٽريور رابنز ڏني. 115 منٽن جي دورانيي واري هن فلم جي سئنيما ٽو گرافي ڊيوڊ ٽيٽرسل ڪئي، جڏهن ته تدوين ڪرس لئبنزن جي حوالي هئي. هن فلم ۾ استعمال ٿيڻ جي لاءِ خاص طور جهازن کي هٿ ڪيو ويو ۽ تقريبن 12 مختلف نمونن جا جهاز استعمال ڪيا ويا. فلم جي 17 سائونڊ ٽرئڪس بيحد پذيرائي حاصل ڪئي. جڏهن ته هن فلم کي 70هين آسڪر ايوارڊ ۾ ٻه نامزدگيون مليون، جيڪي هُوءَ فلم ’ٽائيٽينڪ‘ جي مقابلي ۾ هارائي وئي. ساڍن ستن ڪروڙن جي بجيٽ سان ٺهندڙ هن فلم تقريبن 25 ڪروڙ ڊالر ڪمايا ۽ باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ جا نوان ميزان قائم ڪري وئي                         

إرسال تعليق

 
Top