GuidePedia

0
pak vs eng test series musbah ul haq 100 run celebrite

لارڊز (آن لائين سنڌي نيوز) مصباح جي شاندار سينچري، پاڪستان لارڊز ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 6 وڪيٽن تي 282 رنسون ٺاهي ورتيون، لارڊز ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچن جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستاني اوپنرن اننگ جي شروعات محتاط انداز ۾ ڪئي ۽ شروعاتي 12 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 38 رنسون ٺاهيون، ان موقعي تي شان مسعود 7 رنسون ٺاهي بئرسٽو کي ڪيچ ڏئي ويٺو، جنهن بعد محمد حفيظ 51 رنسن جي مجموعي رنسن تي 40 رنسون ٺاهي بئرسٽو هٿان ئي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، سندس ئي پويان اظهر علي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، يونس خان به وڌيڪ دير وڪيٽ تي نه بيٺو ۽ هن 4 چوڪن سان 33 رنسن جي اننگ کيڏي، جنهن بعد مصباح الحق ۽ اسد شفيق اسڪور کي اڳتي وڌايو، ٻنهي بيٽسمينن شاندار بيٽنگ ڪئي، ان دوران مصباح الحق سينچري پڻ مڪمل ڪئي، هن پنهنجي سينچري ۾ 17 چوڪا به هنيا، ٻنهي بيٽسمينن اسڪور 282 رنسن تائين پهچايو ته اسد شفيق 12 چوڪن سان 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، سندس ئي پويا راحت علي کاتو کولڻ بنا  آئوٽ ٿيو، اهڙي ريت پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان 6 وڪيٽن تي 282 رنسون ٺاهي ورتيون، مصباح الحق 110 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي، انگلينڊ طرفان ووڪس شاندار بالنگ ڪندي 4 شڪار ڪيا، براڊ ۽ بيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ياد رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 2010ع ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بعد پهريون ڀيرو انگلينڊ جي سرزمين تي کيڏي رهي آهي، اسپاٽ فڪسنگ ۾ آيل محمد عامر به ميچ کيڏي رهيو آهي                   .  

إرسال تعليق

 
Top