GuidePedia

0
ٽئلينٽ بابت شاهد آفريدي جي بيان جي مذمت

اسلام آباد (آن لائين سنڌي نيوز) قومي اسيمبلي جي اطلاعات واري قائمه ڪاميٽي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي ٽئلينٽ بابت شاهد آفريدي جي بيان جي مذمت ڪئي آهي، ڪاميٽي جي ميمبر تحريڪ انصاف جي مراد سعيد چيو ته پاڪستان ۾ ٽئلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪرڪيٽرن جي اهڙن بيانن سان نوجوانن جو حوصلو مري وڃي ٿو، ٻئي پاسي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عارفا خالد چيو ته انضمام ۽ شاهد آفريدي سائيڪولاجسٽ (نفسياتي ماهر) يا وري ٽئلينٽ ڳولا ڪندڙ فورم جا نمائنده آهن؟ انهن جي بيانن سان نوجوانن جي حوصلن کي ڇيهو رسيو آهي، آفريدي پاڻ محنت ناهي ڪندو، جڏهن ته انضمام پاڻ کي وڏي شخصيت سمجهي ٿو، پاڪستان جي ٽئلينٽ خلاف ڳالهائڻ رياست خلاف ڳالهائڻ برابر آهي.   

إرسال تعليق

 
Top