ڪراچي (آن
لائين سنڌي نيوز) اداڪاره پريانڪا چوپڙا 34 سالن جي ٿي وئي، اڄ سالگره ملهائيندي،
بالي ووڊ اداڪاره ۽ اڳوڻي مس ورلڊ پريانڪا چوپڙا پنهنجي بهترين اداڪاري ۽ پرڪشش
شخصيت جي طور تي تمام تيزي سان شهرت حاصل ڪري رهي آهي، پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ 1982ع
تي جنم ورتو، هن جو والد انڊين آرمي ۾ فزيشن آهي، 2005ع ۾ 18 سالن جي عمر ۾ هن حسن
جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ مس ورلڊ جو ٽائيٽل کٽي ورتو، هن سال 2002ع ۾ تامل فلم کان
فني سفر جي شروعات ڪئي، ان ئي سال فلم ”هيرو“ ۾ به هن مک ڪردار ڪيو، پر فلم ”انداز“
ان جي پهرئين هندي فلم هئي، جيڪا باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿي هئي، ان فلم ۾ هن کي
بهترين اداڪاري تي فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته سال 2005ع ۾ هن جي هڪ ٻي فلم ”اعتراض“
نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي، ان فلم ۾ به هن کي نيگيٽو ڪردار ادا ڪرڻ تي بهترين اداڪاره
طور فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو، پريانڪا چوپڙا جي فلم ”ڪرش“ ۽ ڊان ۾ بهترين اداڪاره
طور پڻ شهرت جي بلندين تي پهتي، 2008ع ۾ فلم فيشن، 2009ع ۾ اداڪاري جو مظاهرو ڪيو، سال 2011ع ۾ ڪلر، سات
خون معاف، جڏهن ته سال 2012ع ۾ برفي هن جون ڪامياب ترين فلمون رهيون، هن ڪيترن ئي
ريئلٽيز شوز جي ميزباني پڻ ڏني، هن ڀارت جي مختلف اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکيا آهن، اداڪاري
سان گڏوگڏ بطور گلوڪاره طور به شهرت حاصل ڪري چڪي آهي، هو مڃتا طور 2 نيشنل ايوارڊ
۽ ڪيترائي فلم فيئر ايوارڊ، آئيفا ايوارڊ ۽ ٻيا ماڻي چڪي آهي.
إرسال تعليق