GuidePedia

0
sidani bengali tiger hospital

سڊني(آن لائين سنڌي نيوز) آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ بنگالي ٽائيگر جي اکين جو آپريشن ڪيو ويو، فيڪلٽي آف وٽرنري سائنس جي ماهر ڊاڪٽرن 96 ڪلو وزني ٽائيگر ”اندرا“ جي اکين جو آپريشن ڪيو، سڊني جي چڙيا گهر جي انتظاميا موجب 15 سالن جي ٽائيگر اندرا جي نظر خراب ٿي پئي هئي، هو شين سان ٽڪرائجي رهيو هو، جڏهن ته کاڌو پڻ ڏسي نه پئي سگهيو، اندرا جو آپريشن ڪندڙ پروفيسر ونيسا ۽ ڊاڪٽر بارس ٻڌايو ته جيڪڏهن ٽائيگر جو آپريشن نه ڪريون ها ته هو مڪمل طور انڌو ٿي وڃي ها، دنيا ۾ بنگالي ٽائيگر تمام گهٽ بچيا آهن، انهن کي بچائڻ اسان لاءِ اهم آهي، واضح رهي ته اهو ٽائيگر فلم ”جارج آف جنگل“ ۽ ”ايناڪوڊا“ ۾ پڻ اچي چڪو آهي

إرسال تعليق

 
Top