GuidePedia

0
sunny leone vs sonakshi sinha movies maqabla

ممبئي (آن لائين سنڌي نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سني ليون ۽ سوناڪشي سنها جو باڪس آفيس تي ٽڪراءُ ٿيندو، ٻنهي جون فلمون جلد رليز ٿي رهيون آهن، سوناڪشي سنها جي فلم اڪيرا ايڪشن ۽ رومانس سان ڀرپور آهي، جنهن جو ٽريلر به رليز ٿي چڪو آهي، اها فلم 2 سيپٽمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته ساڳئي تاريخ تي پرڪشش اداڪاره سني ليون جي فلم ”بيمان لو“ به رليز ٿي رهي آهي، فلم جي ڊائريڪٽر راجيو چوڌري جو چوڻ هو ته ساڳئي ڏينهن تي ٻئي فلمون رليز ٿينديون، پر سني ليون جون فلمون ڏسندڙن جو الڳ حلقو آهي، هوءَ مشهور هيروئن آهي، ان ڪري اسان جي فلم هٽ ويندي

إرسال تعليق

 
Top