GuidePedia
Latest News

0
HALA=DC Matiari Hala m (Man& Bachy K Sihat)Semenar Ko  Khitab Kerty.

  04 آگسٽ 2016
هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)

صحت کاتي نيشنل پروگرام مٽياري پاران مخدوم فخرالزمان پرائيويٽ اسڪول هالا ۾(ماءُ ۽ ٻارجي صحت) جي متعلق هڪ سيمينار جو انغقاد ڪيو ويوجنهن جي ميزباني نيشنل هيلٿ پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر عبدالستار ميرميمڻ جن ڪندي مذڪوره پروگرام ۾ شرڪت لاءَ ايندڙ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پهرايون.مذڪوره سيمينار جو مهمان خاص ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويزاحمد بلوچ جن هئا جڌهن ته مذڪوره سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مٽياري ڊاڪٽر عبدالستار انصاري،پي پي ايڇ آءَ ضلعي مٽياري جو ڊي او ڊاڪٽر شجاع ابڙو،ڊاڪٽر رام،ڊاڪٽر مظفرسمون،پروفيسرمنوج ڪمار،اين آر ايس پي جي ضلعي انچارج ذوالفقار علي،پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر زاهدميمڻ،اسڪول جي انچارج محمد خان ميمڻ،اڳوڻي پرنسپال ميدم شاڪرا،ليڊي ڊاڪٽرن ۾ رافعه ڳاهوٽي،ڪنول شاه،انيس ميمڻ،فرازانه ميمڻ،فهميده ڀٽي کان علاوه ايل ايڇ ايسز،ايل ايڇ ڊبليوز،اسڪولي ٽيچرزسيمت شاگردن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان ماءَ ۽ ٻارجي صحت سيمينار جي نسبت سان هالا جي بهترين محنتي استاد محمد جمن ملاح جي پاران تيار ڪيل مختلف تقريرون ،خاڪا۽ ٽيبلوزمخدوم فخر الزمان اسڪول جي شاگردن پاران پيش ڪيا ويا جنهن کي هالا ۾ ويٺل معززين پڻ ساراهيو.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي مٽياري پرويزاحمد بلوچ،ڊاڪٽرعبدالستارميرميمڻ۽ ٻين پنهنجي خطاب۾ چيو ته ضلعي مٽياري جي صحت کاتي ۾ هڪ وڏو حصوليڊي هيلٿ ورڪرزجو آهي جن جي حقيقي محنت سبب ضلعو مٽياري پوليوکان پاڪ آهي هن چيو انهن پاران جرجنگ ۾ سردي توڙي سخت گرمين ۾ گهرگهرپهچي اتي موجود معصوم ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ سميت انهن کي ٻين موذي مرضن کان بچاءَجا ٽڪا ۽ ڦڙا پياري انهن کي مرضن کان بچائين ٿيون جڏهن ته انهن پاران حمل وارين عورتن کي صحيح علاج ومعالج جا طريقا ٻڌائي سندن مدد ڪن ٿيون۽ انهن جي ڪاوشن سبب ئي اسان وٽ ماءُ ۽ ٻار جي اموات جا واقعا تمام گهٽ آهن.مذڪوره تقريب ۾بهترين ٽيبلوز،تقرير۽ خاڪا پيش ڪندڙ اسڪولي ٻارڙن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ڊاڪٽر عبدالستارميرميمڻ ڊي سي مٽياري پرويزبلوچ هٿان انعام ۽ ڪيش رقم پڻ ڏنا ويا.

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top